نائين اليون کانپوءِ پاڪستان بدامنيءَ جو شڪار ٿيو، اسان دهشتگردي خلاف وڏيون قربانيون ڏنيون آهن: مولانا فضل الرحمان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءَ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ملڪ ڪجهه سالن کان معاشي بحران جو شڪار آهي ۽ ترقيءَ لاءِ پرامن ماحول انتهائي ضروري آهي.
قومي اسيمبلي ۾ خطاب دوران مولانا فضل الرحمان چيو ته نائين اليون کانپوءِ پاڪستان بدامنيءَ جو شڪار ٿيو، اسان دهشتگردي خلاف وڏيون قربانيون ڏنيون آهن.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ڀارت جي تڪبر کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو، پر ملڪ ڪجهه سالن کان معاشي بحران جو شڪار آهي ۽ ترقيءَ لاءِ پرامن ماحول انتهائي ضروري آهي.