ملير ۾ ڪانگو وائرس وڪوڙي ويو: نوجوان زبير لکيو فوت، 3 ڏينهن ۾ ٻه ڄڻا حياتي وڃائي ويٺا

Spread the love

ڪانگو  (رپورٽر ) وائرس ۾ مبتلا نوجوان زبير لکيو فوت، 3 ڏينهن ۾ ملير جا 2 شهري حياتيون وڃائي ويٺا ملير (ذوالفقار علي نصيراڻي) ڪانگو وائرس جو مرض ملير ۾ تيزي سان پکڙجي رهيو  آهي  جنهن سبب هنن 3 ڏينهن اندر 2 نوجوان حياتيون وڃائي ويٺا آهن  ابراهيم حيدري سان تعلق رکندڙ 22 ورهين جو نوجوان زبير لکيو،

جيڪو هڪ هفتي کان حياتيءَ ۽ موت جي جنگ وڙهي رهيو هو  آخرڪار خانگي  اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪري  ڇڏيو  کيس ڪانگو وائرس ۾ مبتلا ٿيڻ بعد جناح اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو  جتي سندس طبيعت  خراب ٿي پئي  فوتي نوجوان جي لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو فوتي نوجوان جي جنازي نماز م سوين ماڻهن شرڪت ڪئي صحت کاتي موجب زبير لکيو کان اڳ عبدالرئوف نالي ٻيو شهري به ڪانگو وائرس سبب فوت ٿي چڪو آهي.

ٻنهي جي فوت ٿيڻ بعد صحت کاتي جون خاص ٽيمون ابراهيم حيدري سميت متاثر علائقن ۾ پهتيون آهن ته جيئن وائرس جي وڌيڪ پکڙجڻ کي روڪي سگهجي ضلعي صحت کاتي جي آفيسر ڊاڪٽر امداد چنا ڪانگو وائرس جي تصديق ڪندي چيو آهي ته احتياطي اپائن تي سختي سان عملدر ڪرڻ  ضروري آهي. علائقي واسين کي اپيل ڪئي وئي آهي ته جانورن جي خريداري، ذبح ۽ صفائي دوران احتياط ڪيو وڃي

جُون 19, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو