مشفيق الرحيم هٿان يونس خان جو ٽيسٽ رڪارڊ چٽ

گال (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي بنگلاديشي ڪپتان ۽ تجربيڪار بيٽر مشفيق الرحيم پاڪستان جي اڳوڻي ڪپتان يونس خان جو سريلنڪا ۾ سڀ کان وڏي عمر ۾ سينچري اسڪور ڪرڻ وارو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو.
مشفيق الرحيم گال انٽرنيشنل اسٽيڊيم ۾ سريلنڪا خلاف جاري پهرين ٽيسٽ دوران پنهنجي ٽيسٽ ڪيريئر جي 12هين سينچري مڪمل ڪئي، جنهن کانپوءِ پوءِ هو آءِ لينڊرز جي ديس ۾ ٽيسٽ ميچ دوران اوپنر کانسواءِ سينچري اسڪور ڪندڙ سڀ کان وڏي عمر وارو بيٽر بڻجي ويو.
ان اننگز دوران هن ليجنڊري پاڪستاني بيٽر يونس خان جو رڪارڊ ٽوڙيو، جنهن 2015ع ۾ 37 سال ۽ 216 ڏينهن جي عمر ۾ سريلنڪا خلاف ٽيسٽ سنچري اسڪور ڪئي هئي، جڏهن ته مشفيق الرحيم اهو ڪارنامو 38 سال ۽ 39 ڏينهن جي عمر ۾ انجام ڏنو.
واضح رهي ته بنگلاديش گال ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن جي پڄاڻي تي 9 وڪيٽن جي نقصان تي 484 رنسون ٺاهيون.
مشفيق الرحيم شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي 163 رنسن جي اننگز کيڏي، جڏهن ته ڪپتان نجم الحسين شانتو 148 ۽ لِٽن داس 90 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.