فوجداري قانونن ۾ ترميم جو بل پيش، عورت کي سرعام ڪپڙن کان آجو ڪرڻ تي موت جي سزا ختم ڪرڻ جي تجويز

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ ۾ فوجداري قانونن ۾ ترميم جو بل پيش ڪيو ويو، بل ۾ عورت کي سرعام ڪپڙن کان آجو ڪرڻ ۽ هاءِ جيڪر کي پناهه ڏيڻ تي موت جي سزا ختم ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي آهي.
تجويز ڪيل ترميم موجب عورت تي مجرماڻو حملو يا سرعام ڪپڙن کان آجو ڪرڻ تي جوابدار کي عمر قيد، ملڪيت ضبط ۽ ڏنڊ لاڳو ٿيندو.
فوجداري قانون ۾ ترميم موجب عورت تي مجرماڻو حملو يا سرعام ڪپڙن کان آجو ڪرڻ تي جوابدار کي بنا وارنٽ جي گرفتار ڪري سگهبو ۽ اهو ناقابل ضمانت ڏوهه هوندو.

جُون 19, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو