سکر: هٿياربندن جو ڏينهن ڏٺي ڌاڙو، رائس مل مينيجر زخمي، 15 لک روپيا ڦر – واپاري حلقا پريشان
سکر( رپورٽ ۔امداد گل ڪلوڙ)سکر ۾ هٿياربندن جو حملو، رائس مل مينيجر زخمي، لکين روپيا ڦر خبر موجب سکر جي گوليمار واري علائقي ۾ اڄ ڏينهن ڏٺي جو هٿياربندن رائس مل جي مينيجر تي حملو ڪري کيس زخمي ڪري لکين روپيا ڦر ڪري ويا. اطلاعن موجب، دريا خان ناپر،
جيڪو ٽائون چيئرمين طارق چوهاڻ جي رائس مل جو مينيجر آهي، بورڊ آفيس ڀرسان آصف اسٽور وٽان وڏي رقم کڻي نڪتو ته گوليمار واري علائقي ۾ موٽرسائيڪل سوار هٿياربند کيس روڪي ڦر ڪئي. مزاحمت تي کيس ساڄي پاسي واري ٽنگ ۾ گولي هڻي زخمي ڪيو ويو.
ڦر جي رقم لڳ ڀڳ 14 کان 15 لک روپيا ٻڌائي پئي وڃي. زخمي کي فوري طور حرا اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سندس طبي امداد جاري آهي.
واقعي کان پوءِ پوليس ۽ ايس ايس پي گوليمار واقعي واري هنڌ تي پهتا ۽ جاچ شروع ڪئي. پوليس موجب واقعي بابت تفصيل وٺڻ لاءِ بيان ورتا پيا وڃن ۽ سي سي ٽي وي فوٽيجز به حاصل ڪيا پيا وڃن.
اهڙي وارداتن سبب واپاري حلقن ۾ ڳڻتي پيدا ٿي وئي آهي، خاص ڪري انهن ماڻهن لاءِ جيڪي روزانو وڏي رقم کڻي هلن ٿا.
جُون 19, 2025