سکر: جھانگڙو پوليس جي ناڪه بندي دوران فائرنگ، رائفل سميت هڪ ڏوهاري گرفتار، ٽي فرار – ايس ايس پي پاران شاباش
سکر(رپورٽ. : امداد گل ڪلوڙ) ايس ايس پي سکر اظھر خان مغل جي ھدايتن تي ايس ايچ او ٿاڻو جھانگڙو جي دوران ناڪه بندي اهم ۽ ڪامياب ڪارروائي ٿاڻو جھانگڙو جي حد ۾ قومي شاهراهه فش فارم ويجهو پوليس گشت دوران ڏوهارين کي واردات جي ارادي سان بيٺل ڏسي پوليس جي اچانڪ اچڻ تي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي وئي پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن دوران هڪ ڏوهاري کي رائفل سميت گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته سندس ٽي ساٿي فرار ٿي ويا گرفتار ٿيل ڏوهاري جي سڃاڻپ اعجاز جاگيراڻي طور ٿي آهي
ڏوهاري جي قبضي مان رائفل جيٿري، هٿ آئي آهي، جڏهن ته ٻين فرار ڏوهارين جي گرفتاري لاءِ پوليس پاران سرچ آپريشن جاري آهي گرفتار ڏوهاري کان وڌيڪ جاچ پڻ جاري آهي ايس ايس پي سکر، اظهر خان مغل، پوليس پارٽي جي بهترين ڪارروائي تي شاباش جو پيغام ڏنو آهي
جُون 19, 2025