جڊيشل ڪميشن آئيني بينچن جي مدي ۾ واڌ ڪري ڇڏي

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جڊيشل ڪميشن جسٽس امين الدين خان ۽ ٻين آئيني بينچن جي مدي ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
ذريعن موجب چيف جسٽس آف پاڪستان يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ جڊيشل ڪميشن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ جسٽس امين الدين خان ۽ ٻين آئيني بينچن جي مدي ۾ 30 نومبر تائين واڌ جي منظوري ڏني وئي.
واضح رهي ته جسٽس امين الدين خان کي 6 مهينن لاءِ آئيني بينچ جي سربراهه طور مقرر ڪيو ويو هو.
ان کان اڳ ڊسمبر 2024 ۾ جڊيشل ڪميشن آئيني بينچ کي 6 مهينن لاءِ واڌ ڏني هئي.

جُون 19, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو