ثمينا پيرزادو تي ” جنن “ جو حملو، اداڪارا ڇرڪائي ڇڏيو

Spread the love

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيئر اداڪارا ثمينا پيرزادو پنهنجي تازو رليز ٿيل فلم ”ديمڪ“ جي شوٽنگ کان اڳ پيش آيل هڪ دل ڌوڏيندڙ واقعي جو انڪشاف ڪيو آهي.
ويجهڙ ۾ هڪ ٽي وي پروگرام دوران ڳالهائيندي ثمينا پيرزادو ٻڌايو ته هوءَ فلم جي شوٽنگ شروع ٿيڻ کان اڳ ئي جنات جي حملي جو شڪار ٿي چڪي هئي ۽ جن وٽس اڳ ئي اچي ويا هئا.
هن ٻڌايو ته سندس گهر جي بيڪ يارڊ واري لائيٽ نه ٻري رهي هئي، جنهن لاءِ هن نوڪر کي ٻه ٽي ڀيرا چيو پر جڏهن لائيٽ نه ٻري ته هوءَ پاڻ بيڪ يارڊ ۾ وئي ۽ لائيٽ آن ڪئي.
اداڪارا جو چوڻ هو ته جيئن ئي لائيٽ آن ڪري واپس ورڻ لڳي ته پٺيان ڪنهن زوردار ڌڪو ڏنو جنهن سبب هوءَ پري وڃي ڪري پئي، انهيءَ ڪري کيس کوڙ سارا ڌڪ رسيا، جڏهن ته ان وقت اتي هوءَ اڪيلي هئي ۽ هوءِ سمجهي ته اهو حملو جنن ڪيو هو.
ثمينا پيرزادو چيو ته ان واقعي کانپوءِ به هوءَ زخمن تي مرهم پٽي ڪري سيٽ تي پهتي ۽ فلم جي شوٽنگ مڪمل ڪئي.
واضح رهي ته ”ديمڪ“ جنهن ۾ فيصل قريشي، ثمينا پيرزادو ۽ سونيا حسين اهم ڪردار نڀايو آهي، عيدالاضحيٰ تي رليز ٿي ۽ فلم باڪس آفيس تي ڪاميابي ماڻيجڏهن ته ڏسندڙن ۽ ناقدن طرفان فلم کي ساراهيو پيو وڃي.

جُون 19, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو