ڄامشورو: ڊي سي غضنفر علي قادري جي صدارت ۾ محرم الحرام لاءِ امن امان ۽ انتظامن بابت اهم اجلاس، جلوسن لاءِ جامع سيڪيورٽي پلان جو اعلان

Spread the love

ڄامشورو  (رپورٽ : محمد وارث ڪوريجو )  ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو غضنفر علي قادري جي صدارت هيٺ ضلعي ۾ محرم الحرام جي دوران امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ ۽ ٻين انتظامن کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر آفيس جي درٻار هال ۾ هڪ اهم گڏجاڻي منعقد ٿي گذري

ان موقعي تي گڏجاڻيءَ کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر چيو ته محرم الحرام دوران امن امان ۽ ٻين انتظامن کي يقيني بڻائڻ لاءِ وڌيڪ اثرائتا انتظام ڪيا ويندا، هن  ميونسپل ۽ ٽائون آفيسرن کي هدايت ڪئي ته اهي جلوسن جي سڀني رستن تان  حد دخليون ختم ڪرائين ۽ مجلسن جي جڳهن تي صفائي ۽ روشني جا بهتر انتظام ڪن، هن حيسڪو عملدارن کي ھدايت ڪئي ته اھي محرم الحرام دوران بجلي جي لوڊشيڊنگ جو شيڊول تبديل ڪن ته جيئن عزادارن کي ڪنهن به قسم جي پريشاني نه ٿئي ۽ جلوسن جي رستن،

مسجدن ۽ امام بارگاهن ۾ بجلي جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي، ھن صحت کاتي جي آفيسرن کي ھدايت ڪئي ته   محرم الحرام دوران ضلعي جي اسپتالن ۾ ايمرجنسي وارڊ قائم ڪيا وڃن، ۽  ماتمي جلوسن دوارن ايمبولينس ۽ ڊاڪٽرن جي عملي  جي موجودگي کي يقيني بڻايو وڃي، جڏھن ته ڊي سي ڄامشورو سڀني عالمن سڳورن کي پڻ چيو ته محرم الحرام دوران امن ڀائيچاري اتحاد کي يقيني بڻايو وڃي ۽ اوھان سڀني کي پر امن متحد ٿي دنيا کي پيغام ڏيڻو آهي ته اسان سڀ ھڪ آھيون،

 اجلاس کي خطاب ڪندي ايس ايس پي ڄامشورو محمد ظفر صدیق ڇانگا چيو ته ضلعي ۾ محرم الحرام دوران منعقد ٿيندڙ جلوسن لاءِ هڪ جامع سيڪيورٽي پلان تيار ڪيو ويو آهي، جنهن لاءِ پوليس اهلڪار ۽ پوليس آفيسر ڊيوٽي تي مقرر ڪيا ويندا ان کان علاوه، رينجرز پڻ ماتمي جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ الرٽ رهندي ان موقعي تي مختلف مڪتب فڪر جي عالمن ضلعي انتظاميا کي محرم الحرام دوران امن امان برقرار رکڻ ۾ پنهنجي مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو ۽  درپيش مسئلن کان آگاهه ڪيو،

گڏجاڻي ۾  ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون نورالدين ھنگورجو، ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر ڊاڪٽر پير منظور احمد، اي ڊي سي ٽو ڊاڪٽر عدنان منير تنيو، تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن، پوليس، لوڪل گورنمينٽ، سڀني کاتن جي آفيسرن ۽ عالمن ۽ مذهبي تنظيمن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي،

جُون 18, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو