سڪرنڊ ۾ وڌندڙ انڪروچمينٽ خلاف کلي ڪچهري، شهرين ۽ سماجي اڳواڻن جو قبضا مافيا خلاف ڪارروائي جو مطالبو

Spread the love

سڪرنڊ ( رپورٽ : راج ڪماراوڏ )سڪرنڊ شهر ۾ وڌندڙ انڪروچمينٽ ، قبضن خلاف ٽائون هال ۾ کلي ڪچهري ڪوٺائي وئي. کلي ڪچهري ٽائون ڪاميٽي سڪرنڊ جي چيئرمين سيد عذير اختر شاهه جي ميزباني هيٺ ٿي گذري. جنهن ۾ مختلف سياسي سماجي ڌرين اينٽي انڪروچيمينٽ ، روينيو ، پوليس عملدارن جي شرڪت ڪئي. جنهن ۾ شهرين ۽ سماجي ڌرين پاران قبضن جون دانهون.

کلي ڪچهري کي ٽائون چيئرمين سيد عذير اختر شاهه خطاب ڪندي چيو ته ڪنهن به صورت ۾ شهر ۾ قبضو ڪرڻ نه ڏنو ويندو. ڪيترو به بااثر ڇو نه هجي ان خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. ڪنهن به شهري سان ناجائزي نه ڪنداسين. شهر ۾ مڇي سبزي ، فروٽ فروخت ڪندڙن پاران حد کان وڌيڪ قبضا ڪيا ويا آهن. رڪشا ۽ سوزوڪي هلائيندڙن پاران روڊ تي قبضا ڪيا ويا آهن.

 اسڪول ۾ نياڻيون تعليم به نه ٿيون پرائي سگهن.شهرين تي ٻڌل ڪاميٽي ٺاهي ويندي. تعليمي ماهر حيدر خانزاده ، قاضي جاويد سنائي ، نياز لاشاري ، صحافي غلام قادر چانڊيو ، سانول ڪيريو ، شفيع محمد راجپوت ، واحد بخش عمراڻي، سماجي اڳواڻ خير محمد چنه ، امجد خانزاده ، ولي محمد ڀٽي ، شبير راجپوت ، اعظم راول ، رڪشا يونين اڳواڻ مزار رند ، مڇي فروش رستم ملاح ، صحافي نياز چانڊيو ، مظهر سولنگي ،رسول بخش لاکو ،همت خاصخيلي ، غني مگسي ، سڄڻ لاکو ، سيد قربان علي شاهه ۽ ٻين گڏيل خطاب ڪندي  چيو ته شهر اسان جو آهي مسئلي جو حل ڪڍيو وڃي شهر ۾ حد کان وڌيڪ قبضا ٿي ويا آهن ڇا نشو کپائيندڙ چوي ته منهنجا ٻچا بک مرندا ته پوءِ ان کي نشي وڪري ڪرڻ جي اجازت ڏني ويندي؟ اينٽي انڪروچمينٽ کي فعال ڪيو وڃي.

 ڪو به دوڪاندار ريڙهن کي دوڪان آڏو نه ٿو بيهڻ ڏئي پر زبردستي بيهن ٿا اسان انڪروچمينٽ هٽائڻ لاءِ ڪيتريون ئي درخواستون ڏنيون آهن پر ان تي ڪو به عمل نه ٿيو. جڏهن شهري احتجاج ڪن ٿا ته ريڙها مافيا ۽ قبضا مافيا شهرين سان وڙهن ٿا ۽ اڪثر ڪري عورتن جي  تذليل ڪئي وڃي ٿي. اڪثر گڏجاڻيون بي نتيجه نڪرنديون آهن سرڪاري آفيسن ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهو قبضا گير ماڻهن سميت ريڙهن وارن کان مفت ۾ فروٽ وٺن ٿا. چونڊيل ۽ نمائندن ۽ پ پ اڳواڻن کي اعتماد ۾ وٺي انڪروچمينٽ ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

جُون 18, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو