سڪرنڊ: مرحوم محمد مراد خانزاده جي ياد ۾ سنڌڙي پينل جي تعزيتي گڏجاڻي، خدمتن تي ڀيٽا پيش

Spread the love

سڪرنڊ ( رپورٽ : راج ڪماراوڏ ) شهري اتحاد سڪرنڊ جي اڳوڻي صدر مرحوم محمد مراد خانزاده جي ياد ۾ سنڌڙي پينل پاران اليڪشن آفيس ۾ تعزيتي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي جتي سنڌڙي پينل جي سرپرست اعليٰ علي شير انڙ ۽ صدارتي اميدوار احسان علي شاھ  مرحوم مراد خانزاده جي خدمتن تي کيس لفظن جي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته مرحوم جون اداري توڙي شهر لاءِ ڪيل خدمتون تاريخ جو حصو آهن پاڻ هميشه شهر جي بهتري لاءِ هاڪاري ڪردار ادا ڪيو هُن اليڪشن ۾ هميشه اسان جو ساٿ ڏنو اهو ئي سبب هو جو اسين به سندس ڏک سک جا ساٿي رهياسين اسان کي اميد آهي ته سندس دوستن ۽ برادري ۾ ته هُو 22 جون تي شهري اتحاد جي ٿيندڙ اليڪشن ۾ مرحوم جي دوستن جي جُڙيل سنڌڙي پينل کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪندا جنهن جو چونڊ نشان سنڌي ٽوپي آهي

 ان موقعي تي فاتحه خواني پڻ ڪئي جنهن ۾ سيد شبير احمد شھ جيلاني دعا ڪرائي تعزيتي گڏجاڻي ۾ مجيد عباسي ، آصف آرائين ، قطب شاھ ، مراد علي ملاح ، غلام شبير سومرو ، ايڊووڪيٽ نويد سومرو ، شمشاد ملاح ، اشتياق علي آرائين ۽ قاضي جاويد پڻ شريڪ هئا .

جُون 18, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو