سکر: پلاسٽڪ بيگز تي مڪمل پابندي، سيپا ٽيم جو هول سيلرز ۽ اسٽورز تي دورو، خلاف ورزي ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو اعلان
سکر(رپورٽ. امداد گل ڪلوڙ) سنڌ حڪومت پاران ڪابينا جي فيصلي جي روشنيءَ ۾ پوري صوبي ۾ پلاسٽڪ بيگز جي تياري، استعمال ۽ وڪري تي مڪمل پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.
ان سلسلي ۾ ماحوليات، موسمياتي تبديلي ۽ ساحلي ترقي واري کاتي جي سيڪريٽري آغا شاهنواز خان ۽ ماحولياتي تحفظ واري اداري (سيپا) سنڌ جي ڊائريڪٽر جنرل وقار حسين ڦلپوٽو جي هدايتن تي،
سيپا سکر پاران مختلف هنڌن تي دورا ڪيا ويا آهن. ماحولياتي تحفظ واري اداري جي ريجنل انچارج سکر، اجمل خان جي سربراهيءَ ۾ مانيٽرنگ ٽيم ڍڪ روڊ سکر تي واقع مختلف هول سيلرز ۽ سپر اسٽورز جو دورو ڪيو، جتي دڪاندارن کي پابندي بابت آگاهي پڻ ڏني وئي ۽ ڪابينا جي فيصلي تي سختي سان عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو ويو.
ماحولياتي تحفظ واري اداري واضح ڪيو آهي ته فيصلي جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي, ان سلسلي ۾ ٽيم پاران دڪاندارن کان معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ خاص پروفارما جي مدد سان تفصيل گڏ ڪيا ويا، جيڪي ايندڙ قانوني ڪارروائي لاءِ استعمال ڪيا ويندا.
جُون 18, 2025