سکر: غلام محمد مهر اسپتال ۾ پيرا ميڊيڪل اسٽاف پاران ملازم دشمن بجيٽ خلاف احتجاج، 19 جون تي سنڌ اسيمبلي آڏو ڌرڻي جو اعلان

Spread the love

سکر (بيورورپورٽ) پاڪستان پيرا ميڊيڪل اسٽاف ايسوسئشن  KAR 041 جي ايم سي يونٽ ۽ ضلع سکر جي سڏ تي اڄ تاريخ 18. 6. 2025.   اربع تي غلام محمد مهر ميڊيڪل اسپتال سکر ۾ يونٽ صدر فريد الدين بلوچ ۽ ضلع جرنل سيڪريٽري معين سومرو يونٽ وائس پريزيڊنٽ غلام مرتضى منگي محمد مبين ڪٽپر  گينگ ماسٽر ارباب ڪلوڙ سهيل جلالي هدايت دل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي اڳواڻن نئين سال جي بجيٽ کي رد ڪندي ملازم دشمن بجيٽ قرار ڏيندي سخت نعريبازي ڪئي اڳواڻن مظاهري کي خطاب ڪندي چيو ته نئين سال جو بجيٽ۔۔ ملازم دشمن ۽ عوام دشمن بجيٽ۔

 آهي جنهن ۾ ملازمن کي ڪو به رليف ناهي ڏنو ويو ملازمن جي پگهارن ۾ معمولي واڌ ۽ رٽائرڊ ملازمن جي پينشن ۾ 8 سيڪڙو واڌ ملازمن جي زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ برابر آهي هنن چيو ته ظالم حڪمرانن جي بدترين ڪرپشن ۽ حرامخوري ۽ عياشين سبب بدترين مهانگائي جو بار مسڪين ملازمن جي مٿان مڙهيو ويو آهي ملڪ ۾ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي جي باوجود مسڪين ملازمن جو پگهارون 12 فيصد وڌائڻ مسڪين ملازمن جي معاشي بدحالي سان مزيد مزاق ڪئي وئي آهي

جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي هنن مطالبو ڪيو ته ملازمن جي ڊسپرنسي الائونس سان گڏ پگهارن ۾ 100 سيڪڙو اضافو ڪري نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي ملازمن ۾ ڦهليل بي چيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ 19 جون 2025 تي سنڌ اسيمبلي جي سامهون جائز مطالبن جي مڃتا لاء ڌرڻو هنيو ويندو۔

جُون 18, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو