سکر: اينٽي ڪرپشن جي ڪارروائي، هائوسنگ سوسائٽي جو سيڪريٽري امجد ڊومڪي جعلي دستاويزن تي پلاٽ وڪرو ڪرڻ جي الزام هيٺ گرفتار

Spread the love

سکر(رپورٽ : امداد گل ڪلوڙ) اينٽي ڪرپشن سکر عملي جي ڪاروائي رهائشي سوسائٽي جو سيڪريٽري گرفتار ان سلسلي ۾ اينٽي ڪرپشن ڊپٽي ڊائريڪٽر سکر يونس رند جي حڪمن تي وڏي ڪارروائي ڪندي گورنمينٽ ايمپلائز ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي جي سيڪريٽري امجد ڊومڪي کي گرفتار ڪيو.

ڪارروائي ريٽائرڊ ميجر عبدالرحمان شيخ طرفان داخل ڪيل درخواست تي عمل ڪندڙ سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن سکر خالد احمد ٻرڙو موجب گرفتار جوابدار امجد ڊومڪي چيئرمين نويد منگي ۽ ٻين سان گڏ جعلي دستاويز تيار ڪيا ۽ انهن جعلي دستاويزن جي بنياد تي ڪروڙين رپين جو قيمتي پلاٽ وڪرو ڪيو. سرڪاري ذريعن موجب، وڪرو ٿيل پلاٽ ڊاڪٽر نذير احمد شيخ جي ملڪيت هو،

جيڪو ان وقت سعودي عرب ۾ رهائش پذير هو، ان پلاٽ جو پاور آف اٽارني رٽائرڊ ميجر عبدالرحمان شيخ جي نالي تي هو، گرفتار ٿيڻ کان پوءِ جوابدار امجد ڊومڪي کي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو،وڌيڪ جاچ جاري آھي۔

جُون 18, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو