پنجاب جي بجيٽ پيش، پگهارن ۾ 10 سيڪڙو واڌ

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي ناڻي واري وزير مجتبيٰ شجاع الرحمان ايندڙ مالي سال جي بجيٽ پيش ڪري ڇڏي.
پنجاب اسيمبلي جي بجيٽ اجلاس دوران ايوان ۾ وزيراعليٰ مريم نواز ۽ ڪابينا ميمبر به موجود هئا، جڏهن ته اپوزيشن ميمبر اسيمبلي ۾ احتجاج ڪندي اسپيڪر ڊائس سامهون گڏ ٿي ويا.
دستاويز موجب سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 10 سيڪڙو واڌ ۽ پينشن ۾ 5 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي.
نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ تعليم لاءِ 811.8 ارب رپيا، صحت لاءِ 630.5 ارب رپيا، لوڪل گورنمينٽ لاءِ 411 ارب رپيا، جڏهن ته زراعت لاءِ 129.5 ارب رپيا رکيا ويا آهن.