ٽن ٻارن کي زيادتي بعد قتل ڪندڙ جوابدار کي ٽي ڀيرا موت جي سزا جو حڪم

Spread the love

پشاور (ويب ڊيسڪ) چائلڊ پروٽيڪشن ڪورٽ ٻن ٻارن کي زيادتي کانپوءِ قتل ڪندڙ جوابدار کي ٽي ڀيرا موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
چائلڊ پروٽيڪشن ڪورٽ ۾ ٽن ٻارن کي زيادتي کانپوءِ قتل ڪرڻ جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت جوابدار سهيل کي ٽي ڀيرا موت جي سزا ٻڌائي، گڏوگڏ جوابدار کي ٽي ڀيرا عمر قيد جي سزا سان گڏ 27 لک رپيا ڏنڊ به لاڳو ڪيو ويو.
پبلڪ پراسيڪيوٽر عارف بلال ٻڌايو ته سهيل عرف ملنگي پشاور ۾ ٽن ٻارن سان زيادتي ڪئي ۽ پوءِ انهن ٽنهي کي قتل ڪيو هو.
عارف بلال چيو ته واقعا 17 جولاءِ 2022 تي پيش آيا هئا ۽ اوڀر، اولهه ۽ گلبرگ ٿاڻن ۾ ڪيس داخل ڪيا ويا هئا، جنهن کانپوءِ جوابدار ميجسٽريٽ سامهون ڏوهه قبول به ڪيو هو.

جُون 17, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو