وڳڻ: ڏينهن ڏٺي ڦر، لاڙڪاڻو واسي واپارين کان روڪ رقم، موبائل ۽ ڪار جا ڪاغذ ڦر، اين سي داخل

Spread the love

وڳڻ ( رپورٽ : عاجز چانڊيو ) وڳڻ شھر ٻاھران ڏينهن ڏٺي جو لاڙڪاڻي واسي واپارين کي ويگن مان ھيٺ لاھي ھٿياربند ڦورو ڪيش رقم موبائل فون ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا،

اين سي داخل تفصيل موجب وڳڻ شھر ٻاھران لعلورائنڪ روڊ تي پنھور پيٽرول پمپ وٽان وارھ کان ريڪوري ڪري مسافر ويگن ۾ واپس لاڙڪاڻي ايندڙ جنرل اسٽور جي واپارين ڪامران شيخ ۽ امجد علي کي مسافر ويگن مان ھيٺ لاھي ڦورن ھٿيارن جي زور تي روڪ رقم ٻه ٽچ موبائل ڪار جا اوريجينال ڪاغذ ڦر ڪري فرار ٿي ويا،

جنھن بعد متاثرن پاران نامعلوم ڦورون مٿان وڳڻ ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي،ڊي آء جي لاڙڪاڻو ايس ايس پي قمبر کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ڦورو گرفتار ڪري ڦر ٿيل سامان واپس ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي

جُون 17, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو