ملير: اسرائيل جي ظلم خلاف نذير چنا پاران عوامي پريس ڪلب آڏو علامتي ڌرڻو، عالمي برادري کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو

Spread the love

ملير (رپوٽ : ذوالفقار علي نصيراڻي) اسرائيل عالمي قانون کي ٿڏي غازه فلسطين ۾ ظلم جي انتها ڪري  معصوم ٻارڙن سميت هزارين ماڻهن کي قتل ڪري تباهي مچائي ڇڏي آهي جنهن خلاف سنڌ جي دانشور منصور حلاج فائونديش جي چيئرمين نذير چنا عوامي پريس ڪلب ملير اڳيان  رفعه جي بارڊر تي اسرائيل جي  ظلم خلاف ڌرڻو هڻندڙ سان يڪهجهي طور هڪ ڏينهن جو علامتي ڌرڻو هنيو  ان موقعي تي هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته رفعه جي بارد تي الجزائر،لبيا،تيونس ،مراڪو ٻين ملڪن جا هزارين ماڻهو ڌرڻو هڻي غازه  ۾ قتل عام خلاف آواز بلند ڪري رهيا آهن  جن ممڪن حد تائين اسان کي به آواز سان آواز ملائڻ گهرجي هن چيو ته گريٽر اسرائيل جي خواب جي ساڀيان لاءِ اسرائيل فلسطين، شام، لبنان ۽ هاڻي ايران تي  مختلف جواز گهڙي  حملو ڪري ڏنو آهي جنهنجو مقصد  اسرائيل ايران ۾ ڪاميابي بعد رجيم تبديل ڪري پنهنجا من پسند حڪمران آڻي اڏا قائم ڪرڻ گهري ٿو   جيڪڏهن ايران تي حملي بعد رجيم تبديل ڪرڻ وارو اسرائيل جو خواب ساڀيان ٿيو ته پاڪستان چين سميت ٻين عرب  ملڪن لاءِ سٺو سنوڻ نه هوندو هن آمريڪا ۽ يورپي ملڪن کان مطالبو ڪيو ته اسرائيل کي ٻنجو ڏئي دنيا کي ٽين عالمي جنگ بچايو وڃي

جُون 17, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو