سکر: محرم الحرام جي انتظامن بابت ضلع ڪونسل جي صدارت هيٺ اجلاس، ڪنٽرول روم قائم، فوڪل پرسن مقرر

Spread the love

سکر(رپورٽ : امداد گل ڪلوڙ) ضلع ڪونسل سکر جي وائيس چيئرمين اختر خان مھر جي صدارت ھيٺ سکر ضلعي ۾ محرم الحرام جي اڳواٽ انتظامن جي سلسلي ۾ ھڪ گڏجاڻي ضلعي ڪونسل ۾ منعقد ٿي، جنھن ۾ سکر، روھڙي، صالح پٽ، ڪنڌرا سميت ضلعي جي ٻين علائقن سان تعلق رکندڙ اھل تشيع جي علماء ڪرام، مجلسن، جلوسن ۽ امام بارگاهن جي ذميدارن،

 يونين ڪونسل جي سيڪريٽرين، ضلعي امن ڪميٽي جي ميمبرن کان علاوھ ضلع انتظاميا جي عملدارن، پوليس، پبلڪ هيلٿ، سيپڪو ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس دوران علماء ڪرام ۽ مجلسن ۽ جلوسن جي ذميوارن پاران سيڪيورٽي اشوز، صفائي سٿرائي، لوڊشيدنگ ۽ مک رستن سان اسٽريٽ لائيٽ بابت سندن تحفظات ۽ تجويزن کي ٻڌو ويو. اجلاس ۾ وائيس چيئرمين ضلع ڪونسل سکر اختر خان مھر ڳالھائيندي چيو تي محرم الحرام دوران امن امان تي ڪو بہ سمجھوتو نہ ڪيو ويندو،

 محرم الحرام دوران گھربل انتظامن لاءِ ضلع ڪونسل سکر، ضلعي انتظاميا، پوليس ۽ رينجرس جو ھر ممڪن سھڪار حاصل ھوندو. ھن چيو تہ محرم الحرام دوران گھربل ضروري سھولتن جي گھر ۽ شڪايتن جي تدارڪ بابت ضلع ڪونسل سکر ۾ محرم الحرام ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويو آهي، جنھن جو ضلعي فوڪل پرسن سمندر علي ڀٽو، ضلع ڪونسل سکر پاران ممتاز علي ڏنور فوڪل پرسن،

جڏھن تہ پنو عاقل، روھڙي، ڪنڌرا ۽ صالح پٽ لاءِ ترتيبوار سيد منصور شاھ، فدا حسين ابڙو، محمد علي زنگيجو ۽ شاھزين شاھ کي فوڪل پرسن مقرر ڪيو ويو آهي. عوام کي سکر ضلعي اندر محرم الحرام دوران ڪنھن بہ شڪايت يا مسئلي جي ترت حل لاءِ ڪنٽرول روم جي ٽيليفون نمبر 0719310111 تي رابطي ۾ اچڻ جي صلاح ڏني وئي آھي.

جُون 17, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو