سنڌ دشمن بجيٽ کي ڪڏهن پاس ٿيڻ نه ڏينداسين:پ پ ايم اين ايز

اسلام آباد (م ڊ) قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ تي بحث دوران عبدالقادر پٽيل خطاب ڪندي چيو ته شايد حڪومت کي اها خوشفهمي آهي ته پيپلزپارٽي آخر ۾ هر ڳالهه جي حمايت ڪري ڇڏيندي پر هن ڀيري ائينڪڏهن نه ٿيندو. سيڪشن 114 سي موجب نااهل ماڻهو يعنيٰ نان فائلر بينڪ اڪائونٽ نٿا کولي سگهن، پنهنجي اڪائونٽ مان حد کان وڌيڪ پيسا نٿا ڪڍرائي سگهن، اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ نٿا وڃي سگهن، هي ملڪيت خريد ۽ وڪرو نٿا ڪري سگهن، اڪائونٽ منجمد ٿي سگهن ٿا، ايف بي آر هڪ خيالي حد مقرر ڪئي آهي ته اهي 130 سيڪڙو جي حد تائين نه آيا ته انهن کي ڪنهن به وقت غلط قرار ڏئي سگهجي ٿو. اهو آئين جي آرٽيڪل خلاف آهي. هن چيو ته نان فائلر لاءِ اوهان کي وڌيڪ شيون لکڻ گهرجن ها ته هي پنهنجي ٻارن جو طهر نٿا ڪرائي سگهن، هي رشتو گهرندا ته هنن کي ڪير رشتو نه ڏيندو، هي سموسا خريد ڪندا ته ان سان گڏ چٽڻي نه ملندي، هي ٻن پيرن تي هلي نٿا سگهن، منڊڪائي هلندا ته جيئن پري کان خبر پوي ته هي نان فائلر وڃي رهيو آهي. عبدالقادر پٽيل چيو ته سيڪشن 138 ۽ 140 تحت ٽيڪس جي اوڳاڙي گهٽ ۽ ڀتاخوري وڌيڪ لڳي آهي. ايف بي آر نوٽيس ڏيڻ کانسواءِ اڪائونٽ منجمد ڪري رقم ڪڍرائي وٺندي، آئين ۾ 104 منصفاڻي ٽرائل جو آرٽيڪل آهي، هي ان جي ڀڃڪڙي آهي. اهو ڪاروباري ماڻهن کي ايف بي آر جي رحم ڪرم تي ڇڏي ٿو. ڇا اوهان ايف بي آر کي جلاد بڻائڻ وارا آهيو؟ حڪومت کي اهڙي صلاح ڪنهن ڏني آهي؟ مون کي يقين آهي ته حڪومت ۾ اعظم تارڙ جيان ٻيا آهن جيڪي ائين نه ڪن ها پر بابوئن کين ڪجهه لکي ڏنو آهي، هنن ان کي پڙهڻ کانسواءِ ئي اسان سامهون ان کي رکي ڇڏيو آهي. هن چيو ته سيڪشن 175 سي تحت ان لينڊ روينيو آفيسر جي مقرري کي ڏسو ته چون ٿا ته ڪنهن به ڪاروباري مرڪز تي ايف بي آر ڪنهن شخص کي بيهاريندو ته ڏسو هن ڪاروبار مان نفعو نقصان ڪيئن ٿي رهيو آهي، يعنيٰ آفيس يا فيڪٽري ۾ ڪنهن کي ويهاري ڇڏيندا. اهو ته سٺو آهي ته هنن اهو ناهي چيو ته بيڊ روم ۾ هن کي ساڄي پاسي سمهڻو آهي يا کاٻي پاسي سمهڻو آهي. سيڪشن 40 اي سي، ملڪيت جي منتقلي جو آهي، جيڪو سيلز ٽيڪس ايڪٽ ۾ رجسٽرڊ ناهي، اهو اهي سڀ شيون نٿو ڪري سگهي، ٽيڪس گذار کي ٻڌڻ جو ڪو حق ناهي ۽ مڪمل طور آفيسرن جي رحم ڪرم تي هوندو. ڪاروبار جو حق انڪم ٽيڪس آفيسرن سان مشروط ڪيو ويو آهي. هاڻي شريف شهري جا فيصلا انڪم ٽيڪس جو آفيسر ڪندو. سندس چوڻ هو ته سيڪشن 37 اَي ۽ ڊبل اَي ان لينڊ روينيو جو آهي جنهن موجب هي شڪ جي بنياد تي ڪنهن کي به گرفتار ڪري سگهن ٿا، ڪمشنر جي اجازت کانسواءِ، اهو اختيار ته نيب ۽ ايف آءِ اي کي به ناهي. جاچ سندس گرفتاري کانپوءِ ٿيندي ته اهو شخص درست هو يا غلط هو. اهڙو اختيار رڳو ازرائيل وٽ آهي ته اهو جنهن وٽ به الله جي حڪم سان پهچي وڃي. هاڻي هڪ آڊيٽر تي به آڊيٽر ويهاريو ويو آهي، هي اهي سڀ شيون ڪري ائين ڇو سمجهن ٿا ته پاڪستان ۾ ڪاروبار وڌندو ۽ ماڻهو اچي سيڙپڪاري ڪندا؟ ماڻهو ڇا چريا آهن؟ جو اوهان انهن جي مٿان ماڻهو بيهاري ڇڏيندا. انڪم ٽيڪس آفيسرن کي ازرائيل بڻايو ويو آهي. هن چيو ته سولر تي 18 سيڪڙو ٽيڪس جي حمايت بلڪل نه ڪنداسين، پوءِ وري چئو ٿا ته اسان ملڪ کي توانائي جي بحران مان ڪڍڻ چاهيون ٿا ته اهو ڪوڙ هڻو ٿا. 5 لک رپين جي جاءِ جي ويليو 25 لک رپيا رکي وئي آهي، ڪير ماڻهو 25 لک ڪٿان آڻيندو؟ پاڪستان دنيا ۾ واحد ملڪ آهي جتي مقامي مهاڻن کي پورٽ ڪليئرنس وٺڻي پوي ٿي، ان لاءِ کيس پيسا ڏيڻا پون ٿا، هو ڪهڙو سوماليا يا آفريڪا وڃي ٿو؟ هو ته پنهنجي سمنڊ ۾ وڃي ٿو، کانئس ڪسٽم جي پورٽ ڪليئرنس ورتي وڃي ٿي. سندس چوڻ هو ته ڪوئيٽا کان ڪراچي اچڻ تائين 5 ڀيرا اسان جو سڃاڻپ ڪارڊ چيڪ ٿئي ٿو پر ٽرڪون ۽ ٽرالا ڪراچي هر شئي کڻي پهچي وڃن ٿا، هنن جي پهچڻ کانپوءِ ڇاپا ٿا لڳن ته اهو سامان اسمگلنگ جو آهي. اهو سامان رستي ۾ اسملگنگ جو ناهي هوندو پر ڪراچي پهچڻ کانپوءِ بڻجي وڃي ٿو. جي ڊي پي گروٿ جا انگ اکر غلط آهن، 2.6 جو انگ ڏيو ٿا ته 2.5 ته اوهان جي آبادي به وڌي آهي، اهو ته هڪ پرسنٽ ٿيو، جي ڊي پي ائين ناهي هوندي، اها 1.5 کانسواءِ ناهي. معاشي حالتون بهتر ٿينديون پر اوهان ايف بي آر کي لغام ڏيو، اوهان سيڙپڪارن کي ڀڄائڻ چاهيو ٿا. قومي اسيمبلي ميمبر نبيل گبول اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته هي بجيٽ مذاق آهي، اسان هن بجيٽ کي ڪيئن پاس ڪريون، هي بجيٽ سنڌ دشمني تي لهي آئي آهي، وفاقي حڪومت، سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو ورتاءُ ڪري ٿي. حڪومت جڏهن فنڊ رکي ٿي چيو ويو ته هائوسنگ ۽ ورڪس مان فنڊ ڏينداسين، ٽن صوبن کي فنڊ ملن ٿا پر سنڌ کي اهو فنڊ ناهي ڏنو ويو. سنڌ کي بجيٽ ناهي ڏني وئي، اسحاق ڊار ۽ احسن اقبال واعدو ڪيو هو ته پراجيڪٽ ۽ فنڊ سنڌ کي ڏينداسين پر هو ڦري ويا. 87 بلين ڏيڻا هئا ۽ 64 کان 65 بلين ڏنا ويا آهن. اوهان وزيراعظم ۽ ڊپٽي وزيراعظم پيپلزپارٽي جي ڪري آهيو. اسان کي تنگ نه ڪريو، اسان ملنگ ماڻهو آهيون اسان جي بددعا لڳي ويندي نه ته پنج منٽن ۾ اوهان جي حڪومت ڍير ٿي ويندي. سنڌ لاءِ اسان جي گهرج 36 بلين جي هئي، جيڪا اسڪيم اوهان هائوسنگ ۽ ورڪز کي ڏني اها 11.460 بلين جي آهي. اوهان سکر حيدرآباد موٽروي لاءِ 15 ارب رپيا آهن، اوهان ان رقم مان نوشهرو فيروز تائين نٿا پهچي سگهو. اسان کي اهو لالي پاپ نه ڏيو، اهڙو موٽروي اسان کي نه گهرجي. اسان جا هاري فائلر ڪيئن بڻجندا؟ هنن وٽ چار آنا بچن ٿا، اهي بينڪ اڪائونٽ نٿا کولي سگهن، ننڍو ڪاروبار ڪرڻ وارو بينڪ اڪائونٽ نٿو کولي سگهي. ايف بي آر بنا نوٽيس جي ڪنهن جو به بينڪ اڪائونٽ منجمد ڪري سگهي ٿو، اهو قانون جي ڀڃڪڙي آهي. هاڻي واپاري پرڏيهه وڃي رهيا آهنسنڌ روينيو جو سڀ کان وڏو صوبو آهي، سڀ کان وڏو روينيو ڪراچي مان وڃي ٿو ۽ اوهان سڀ کان گهٽ فنڊ ڏئي رهيا آهيو.
جُون 17, 2025