دادو: 6 سالا نينگري سان مبينا زيادتي بعد بيهوشي جي حالت ۾ کڏ ۾ اڇلايو ويو، پوليس مرڪزي جوابدار گرفتار ڪري ورتو، ٻيو ملوث جوابدار فرار

Spread the love

دادو: (رپورٽر ) 6  سالا نينگري سان مبينا زيادتي بعد بيهوشي جي حالت ۾ کڏ ۾ اڇلايو ويو،نيگري جي مامي جي فرياد تي ڪيس داخل، پوليس مرڪزي جوابدار گرفتار ڪري ورتو،ايس ايڇ او بينظير متاثر نينگري جي گهر عيادت لاء پهتيدادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) دادو ٿاڻي بي سيڪشن جي حد مرکپور محلي ۾ انساني سڃاڻپ کي شرمسار ڪندڙ هڪ لرزائيندڙ واقعو پيش آيو،

جتي مقامي رهواسي، غريب مزدور امير ٻٻر جي معصوم 6 سالا نينگري ف.ٻ سان ٻن جوابدارن مبينا طور جنسي زيادتي ڪئي، ۽ کيس زخمي ۽ بيهوشي جي حالت ۾ کڏ اندر اڇلائي فرار ٿي ويا واقعي بعد نياڻي جا وارث پهچي نينگري کي بيهوشي جي حالت ۾ کڻي ٿاڻي تي پهتا، جتان پوليس نينگري کي فوري طور تي طبي معائني لاءِ ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتال دادو (DHQ) منتقل ڪيو، جتي ڊيوٽي ڊاڪٽر پاران جنسي زيادتي جي تصديق ڪئي وئي ايس ايڇ او بينظير جمالي فوري طور نوٽس وٺي متاثر نياڻي جي گهر پهتي عيادت ڪندي واقعي جا تفصيل معلوم ڪيا ۽ نينگري جي مامي جي فرياد تي ايف آء آر داخل ڪئي وئي جنهن بعد ملوث جوابدارن جي ڳولا لاءِ سندن گهرن تي ڇاپا هنيا ويا پوليس هڪ مرڪزي جوابدار ذاڪر لوهر والد لال بخش لوهر کي گرفتار ڪري ورتو،

 جڏهن ته سونو لوهر جي گرفتاري لاء ڪاروايون تيز ڪيون ويون ايس ايڇ او بي سيڪشن بينظير جمالي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جنهن ظالم نينگري تي ظلم ڪيو آهي، ان قيامت کان اڳ قيامت برپا ڪري ڇڏي آهي، کيس معاف نه ڪيو ويندو وارثن جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري مرڪزي جوابدار گرفتار ڪري ورتو آهي وڌيڪ هڪ جي تلاش جاري آهي.

 ٻارڙي جي مامي محمد زمان جي فرياد تي بي سيڪشن ٿاڻي تي ٻن جوابدارن ذاڪر لوهر ۽ سونو لوهر تي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي۔ متاثر نينگري جي والد امير ٻٻر، زمان ٻٻر، ۽ ٻين وارثن جو چوڻ آهي ته شام جو ٻنهي جوابدارن خرچي جي لالچ ۾ نينگري کي گهر اڳيان وٺي ويا،

 زيادتي کانپوءِ رات دير سان کيس بيهوشي جي حالت ۾ کڏ ۾ اڇلائي فرار ٿي ويا متاثر نياڻي جي وارثن ايس ايس پي دادو، آءِ جي سنڌ، ۽ وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته جلد کان جلد جوابدارن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي ته جيئن اهڙا وحشياڻا واقعا ٻيهر نه ٿين.

جُون 17, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو