خيبر پختونخواهه ۾ سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروائيون، ڀارتي حمايت يافتا 5 خارجي مارجي ويا

Spread the love

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز 15 ۽ 16 جون دوران خيبر پختونخواهه ۾ ڀارتي حمايت يافتا خارجين خلاف ٻه انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيا، جنهن ۾ 5 خارجي مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز ڀارتي حمايت يافتا خارجين جي موجودگي جي اطلاع تي پشاور ۾ آپريشن ڪيو، جنهن ۾ 4 خارجي مارجي ويا.
ٻي ڪارروائي اتر وزيرستان ۾ ڪئي وئي، جنهن ۾ وڌيڪ هڪ خارجي کي ماريو ويو.
مارجي ويل خارجين وٽان هٿيار، گوليون، ڌماڪيدار مواد به برآمد ٿيو، اهي دهشتگردي جي ڪيترين ئي ڪارروائين ۾ ملوث هئا.

جُون 17, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو