جسپريت بمرا ڀارتي ٽيم جي قيادت نه ڪرڻ جو ڪارڻ ٻڌائي ڇڏيو

لنڊن (ويب ڊيسڪ) ڀارتي فاسٽ بالر جسپريت بمرا انڪشاف ڪيو آهي ته هن اڳواٽ ئي بي سي سي آءِ کي آگاهه ڪري ڇڏيو هو ته هو ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ قيادت جي ذميواري نٿو سنڀالي سگھي، ڇاڪاڻ ته هو پنج ميچن ٻڌل ٽيسٽ سيريز دوران هر ميچ کيڏڻ لاءِ دستياب نه هوندو.
هڪ انٽرويو دوران جسپريت بمرا ٻڌايو ته ”روهت ۽ ويرات جي رٽائرمينٽ کان اڳ، آءِ پي ايل دوران مون بي سي سي آءِ سان رابطو ڪيو ۽ مستقبل ۾ پنج ٽيسٽ ميچن جي سيريز بابت پنهنجي ورڪ لوڊ تي ڳالهايو.“
سندس چوڻ هو ته ” مان پنهنجي فٽنيس بابت ماهرن سان به صلاح مشورو ڪيو ۽ سڀني جي گڏيل راءِ اِها هئي ته هاڻي ڪجهه وڌيڪ سمجهداري سان فيصلا ڪرڻا پوندا.“
فاسٽ بالر چيو ته ان کانپوءِ هن بي سي سي آءِ کي اطلاع ڏنو ته هو ٽيم قيادت نه ٿو ڪرڻ چاهي، ڇاڪاڻ ته هو هڙئي ٽيسٽ ميچون نٿو کيڏي سگهي.
بمرا اِهو پڻ چيو ته” بي سي سي آءِ مون کي ڪپتان بڻائڻ جو خواهشمند آهي، پر منهنجي جسماني فٽنيس مڪمل سيريز کيڏڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي، اِهو صحيح نه هوندو ته ٽن ٽيسٽن ۾ مان ڪپتان هجان ۽ ٻن ۾ ڪو ٻيو، مان سدائين پنهنجي ٽيم کي ترجيح ڏني آهي.“
ڀارتي ٽيم جي قيادت ۾ قيادت جو بحران روهت شرما ۽ ويرات ڪوهلي جي رٽائرمينٽ کان پوءِ پيدا ٿيو، ٻنهي سينيئر رانديگرن جي رٽائرمينٽ کانپوءِ بمرا کي ضبوط اميدوار قرار ڏنو پئي ويو، پر پوءِ بي سي سي آءِ طرفان نوجوان اوپننگ بيٽر شُڀمَن گِل کي ٽيم جي قيادت سونپي وئي.
واضح رهي ته ڀارتي ٽيم اڄڪلهه انگلينڊ جي دوري تي موجود جتي ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پنجن ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏي ويندي، جيڪا هلندڙ مهيني 20 جون کان شروع ٿيندي.