ڀلي بي وفا هجي پر پيسي واري کي ترجيح ڏينديس: ڪومل مير

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناليواري اداڪارا ڪومل مير تازي انٽرويو ۾ دلچسپ ۽ حيران ڪندڙ جواب ڏنا، جنهن تي سوشل ميڊيا واهپيدارن طرفان مختلف ردعمل سامهون اچي رهيو آهي.
انٽرويو دوران ميزبان ڪومل مير کان سوال ڪيو ته هوءَ پيسو پسند ڪندي يا پيار؟ جنهن تي اداڪارا پيار جي ڀيٽ ۾ پيسي کي ترجيح ڏني.
ميزبان ٻيو سوال ڪيو ته جيڪڏهن کيس وفادار پر غريب شخص يا بي وفا پر امير شخص مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪرڻي پئي ته ڪنهن جي ڪندي؟
ڪومل مير جواب ڏيندي چيو ته اڄڪلهه ڪو وفادار ناهي هوندو، تنهن ڪري بي وفا ۽ امير شخص جي ئي چونڊ ڪنديس.
اداڪارا جي ان بيان تي سوشل ميڊيا تي مليل جليل ردعمل اچي رهيو آهي، ڪجهه واهپيدارن جو چوڻ آهي ته ڪومل مير ايمانداري سان جواب ڏنو، جڏهن ته ڪجهه واهپيدارن چيو جڏهن امير شخص دوکو ڏيندو ته پوءِ هي ساڳيو انٽرويو ڏيکاريو ويندو.