مهانگائي جو طوفان،پيٽرول 4 رپيا 80 پيسا ۽ ڊيزل 7 رپيا 95 پيسا مهانگو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) حڪومت مهانگائي سٽيل عوام تي پيٽرول بم ڪيرائيندي تيل اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي.
حڪومت ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جي نئين قيمتن جو اعلان ڪندي پيٽرول جي قيمت ۾ 4 رپيا 80 پيسا في ليٽر ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ في ليٽر 7 رپيا 95 پيسا واڌ ڪئي وئي آهي .
پيٽرول اگهه 258 رپيا 43 پيسا في ليٽر ۽ ڊيزل 262 رپيا 59 پيسا في ليٽرٿي ويو آهي. ناڻي وزارت قيمتن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي.
جُون 16, 2025