عوامي راڄ تحريڪ جي مرڪزي صدر خليل شاھ جو دورو ملير، سنڌي ماڻهن جي قومي حثيت بحال ڪرائڻ جي عزم جو اظهار

Spread the love

ملير (ذوالفقار علي نصيراڻي)عوامي راڄ تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊوڪيٽ خليل احمد شاھ تنظيم سازي جي سلسلي ۾ رزاق آباد سميت ملير جي مختلف علائقن ۾ دورو ڪرڻ بعد پنهنجي پارٽي عهديدارن ۽ ڪارڪنن سميت عوامي پريس ڪلب ملير پهچي پر هجوم پريس بريفينگ ڏيندي چيو ته عوامي راڄ تحريڪ کي ان ڪري متحرڪ ۽ منظم ڪيو پيو وڃي ته جئين ڪراچي جي سياسي مالڪي ڪري ٻھراڙين توڙي شھري علائقن ۾ رهندڙ سنڌي ماڻهن کي قومي ۽ تاريخي حثيت واپس ڪرائي سگهجي

 هن چيو ته سنڌ ۾ سياسي تنظيمن جي کوٽ ناهي پر انهن تنظيمن ۽اڳواڻن طرفان سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي خاموشي مجبور ڪيو آھي ته عوامي راڄ تحريڪ ذريعي تنظيم سازي ڪري ڪراچي سميت سڄي سنڌ  ۾ پارليماني سياست ذريعي خالص عوامي راڄ قائم ڪري سگهجي هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته عوامي راڄ پارٽي نه انقلابي آھي نه ئي وري ڪميونسٽ تحريڪ جي پوئلڳ آھي

 هي پارٽي رياست سان ٽڪراءُ ۾ نٿي اچڻ چاهي اسان بنا رنگ نسل ۽ مذھبي فرق جي سمورن ماڻهن کي گڏ کڻي پارليماني سياست ذريعي ايوانن ۾ پهچي پنهنجي بنيادي حقن ۽ قومي وجود لاء جدوجهدو ڪري ڪاميابي ماڻي سگهون ٿا هن چيو ته سنڌ جون سياسي ڌرين جا دانشور ڏها ۽ دور انديش اڳواڻ موڪلائي چڪا آھن باقي بچيل ليڊر شپ سياسي حڪمت عملي ۾ سخت مونجهاري جو شڪار آھي

 اهو ئي سبب آھي جو سنڌ جون سياسي ڌريون ٻٻرلو ڌرڻي کان پري رهيون جڏهن ته اسان ان ڌرڻي ۾ موجود رهي تمام گهڻو سکيو هن سنڌ جي نوجوانن کي اپيل ڪئي ته هو سنڌ جي بقا لاء اڳتي وڌي عوامي راڄ تحريڪ ۾ شامل ٿين ان موقعي تي هن سان گڏ سالار الھبخش برفت ايڊوڪيٽ ذوهيب لغاري ايڊوڪيٽ زين لغاري ايڊوڪيٽ مصطفي راچپر ايڊوڪيٽ اويس ڀٽي ۽ اقبال ڪلمتي گڏ هئا

جُون 16, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو