صوبائي محتسب محمد سهيل راجپوت سنڌ پاران سي ڊي جي يو قائم
ڪراچي (قاضي اعجاز) آفت سٽيل علائقن ۾ انصاف، جوابدهي ۽ جامع عوامي خدمت جي فراهمي کي وڌائڻ ڏانهن هڪ تاريخي قدم طور صوبائي محتسب سنڌ محمد سهيل راجپوت پاران فوري طور تي ڪلائيميٽ اينڊ ڊزاسٽر جسٽس يونٽ (سي ڊي جي يو) پنهنجي آفيس محتسب سيڪريٽريٽ ۾ قائم ڪيُو
آهي. ان سلسلي ۾امداد حسين صديقيءَ ڊائريڪٽر (ڪوآرڊينيشن) کي ڪوآرڊينيشن، پبلڪ سروس ڊليوري ۽ آفت واري خطري جي چارج حوالي ڪئي وئي آهي جيڪو آفت سان منهن ڏيڻ، بحالي وارن قدمن بدانتظامي، دير، يا بدعنواني تحت پيدا ٿيندڙ شڪايتن جي حل سميت متاثر ٿيل فردن ۽ برادرين کي قدرتي ۽ انساني بحرانن دوران کين مناسب معاوضو، بنيادي سهولتن تائين رسائي ۽ بنيادي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائيندو، ان کان سوا يونٽ جو مقصد گڏيل قومن جي ادارن، اين جي اوز، انساني حقن جي ڪارڪنن، سي ايس اوز، ۽ سي بي اوز سان جامع ڀائيواري قائم ڪرڻ آهي ته جيئن رسائي کي بهتر بڻائي سگهجي، عوامي شعور کي وڌائڻ ۽ شفافيت کي هٿي وٺرائڻ آهي.
