سکر ۾ صاف پاڻي جي کوٽ خلاف جي يو آءِ اڳواڻن جو اجلاس، چونڊيل نمائندن تي نااهلي جو الزام

Spread the love

سکر(بيورو رپورٽ) جي يوآ۽ سٽي سکر جي اڳواڻن پاران شھر جي عوامي مسائل بابت مدرسه منزل گاهه سکر ۾ اجلاس ڪوٺايو ويو ، اجلاس ۾ جي يوآء سٽي سکر جي قائم مقام امير مفتي قمرالدين ملاڻو ، جنرل سيڪريٽري قاري لياقت علي مغل ، ناظم مفتي اعظم مھر ، مولانا عبيدالله ڀٽو ، سميت ٻيا اڳواڻ شريڪ ھئا ، اجلاس کانپوءِ جي يوآء سٽي سکر جي اڳواڻن صحافين سان ڳالھائيندي چيوته سکر شھر مسئلن جي ورڇڙھيل آھي ھتان چونڊيل نمائندا شھرين کي بنيادي سهولتون ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي ويا آھن ،

 ھنن چيو ته شھري بدبودار پاڻي پيئڻ تي مجبور آھن ، عوام کان ووٽ وٺندڙ بلدياتي ۽ چونڊيل نمائندا پنھنجي تقريبن ۽ اجلاسن۾ منرل واٽر جو صاف پاڻي ٿا پيئن ۽ ووٽ وٺندڙن کي گٽرن جو گندو بدبودار پاڻي ٿا ڏين  اربين روپيا بچٽ جي باوجود شھري ميرو بدبودار پاڻي پيئڻ تي مجبور آھن ، ميونسپل ڪارپوريشن شھري کي صاف پاڻي ڏيڻ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آھي ،

 فيز 3 پراڻو سکر جي واٽر سپلاءِ جي تلائن۾ بدبودار پاڻي آھي سپلاءِ جي تلائن کي چوديواري ئي ناھن جتي علائقن جاٻار روزاني تڙ ٿا ڪرين ۽ ديوارون نه ھجڻ جي ڪري جانور به پاڻي ٿا پيئن بدبودار پاڻي پيئڻ جي ڪري شھري مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي ٿا وڃن ،

جي يوآء سٽي سکر جي اڳواڻن مفتي قمرالدين ملاڻو ، مفتي اعظم مھر وڌيڪ چيوته شھرين کي صاف سٿرو پاڻي پيئڻ جو ڏنو وڃي نه ته جي يوآء چونڊيل نمائندن خلاف ميدان تي نڪري ايندي ،

جُون 16, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو