سکر ۾ آل پاڪستان لوڪل گورنمينٽ ورڪرز فيڊريشن جي ريلي ۽ ڌرڻو، ملازم دشمن بجيٽ خلاف احتجاج، پگهار ۽ پينشن ۾ واڌ جو مطالبو
سکر(رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) آل پاڪستان لوڪل گورنمينٽ ورڪرز فيڊريشن پاران ملازم دشمن بجيٽ ۽ بلدياتي ملازمن جي جائز مطالبن جي حق ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل سکر آفيس کان سکر پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي ۽ ڌرڻو هڻي ڇتي نعريبازي ڪئي وئي.
ڌرڻي جي قيادت آل پاڪستان لوڪل گورنمينٽ ورڪرز فيڊريشن جي اڳواڻ علي مردان شيخ، عبدالمجيد جسڪاڻي، صداقت زنگيجو، شاهد جتوئي، مظفر جوڻيجو، غلام سرور، طارق ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا.
ان موقعي تي مذڪوره اڳواڻن چيو ته سنڌ حڪومت پاران بلدياتي ملازمن جا مسئلا حل نه ٿيڻ سبب ملازمن ۾ سخت پريشاني آهي سنڌ حڪومت طرفان پيش ڪيل بجيٽ ۾ واڌ ڪئي وئي آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ملازمن جي پگهار اٺ جي وات ۾ زهر وجهڻ جي برابر آهي مهانگائي جي دور ۾ ملازمن جي پگهار 12 سيڪڙو بدران 50 سيڪڙو وڌائي وڃي ۽ پينشن ۾ به واڌ ڪئي وڃي.
اڳواڻن چيو ته بلدياتي ملازم ڪراچي کان ڪشمير تائين عوام جي بي لوث خدمت ڪري رهيا آهن پر انهن جا مسئلا حل نه ٿي رهيا آهن جيڪو سراسر ظلم آهي اسان حڪومت طرفان پيش ڪيل ملازم دشمن بجيٽ کي رد ڪريون ٿا ۽ 19 جون تي ڪراچي پريس ڪلب ۽ سنڌ اسيمبلي جي ٻاهران ڏنل ڌرڻن جي حمايت ۾ مڪمل ڀرتي ڪئي ويندي ۽ هي ڌرڻو جاري رهندو جيستائين ملازمن جا حق فراهم نه ڪيا وڃن مهانگائي جي دور ۾ ملازمن جي پگهار 12 سيڪڙو بدران 50 سيڪڙو وڌائي وڃي ۽ پينشن ۾ به واڌ ڪئي وڃي. اڳواڻن چيو ته ميونسپل ملازم ڪراچي جي ڌرڻي جي حمايت ڪن ٿا ۽ شامل به ٿيندا
جُون 16, 2025