سکر جي بلال ۽ شاهه فيصل ڪالونيءَ جي رهواسين جو پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج، 30 سالن کان بنيادي سهولتن کان محروم

Spread the love

سکر(رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ )سخت گرمي باجود پيئڻ جو پاڻي نه ملڻ خلاف رهواسي سراپا احتجاج ۔بلال ڪالوني ۽ شاهه فيصل ڪالوني 30 سالن کان پاڻي جي سهولت کان محروم، رهواسي ۔

ان سلسلي ۾ سکر جي بلال ڪالوني ۽ شاهه فيصل ڪالوني جي رهواسين پاڻي سميت بنيادي سهولتن جي اڻاٺ خلاف سخت احتجاج ڪيو. علائقي واسين جو چوڻ هو ته چونڊيل نمائندن اسان جي ڪالونين کي مڪمل طور نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته چونڊيل نمائندا رهواسين جي مسئلن تي موقف ڏيڻ کان به پاسو ڪري رهيا آهن.

بلال ڪالوني ۽ شاهه فيصل ڪالوني جي رهواسين نويد احمد کوسو، ڪاشف کوسو، غلام حسين مهر ۽ آفتاب کوسو جي اڳواڻيءَ ۾ هٿن ۾ ٿانون کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ سخت نعريبازي ڪئي.

 ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي ڪالونين کي ٺهي 30 سال گذري ويا آهن، پر اڄ ڏينهن تائين صاف پاڻي تائين رسائي نه ملي آهي.اڳواڻن چيو ته چونڊيل نمائندا رڳو ووٽ وٺڻ لاءِ چونڊن وقت اچن ٿا، وڏا وڏا واعدا ڪري هليا وڃن ٿا، پر انهن واعدن تي ڪڏهن به عمل ناهي ٿيو.

اسان سکر جي ميئر ارسلان شيخ کي به بار بار دانهن ڏني آهي، پر تدارڪ نه ٿيو. علائقي واسين جو چوڻ هو ته اسان غريب مزدور ماڻهو آهيون، ڪم ڪيون يا سڄو ڏينهن پاڻي ڀريون۔هنن گهر ڪيو ته کين جلد صاف پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي.

 جڏهن ته علائقي واسين جي احتجاج تي موقف لاءِ ميئر سکر ۽ علائقي جي چيئرمين سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر هنن موقف ڏيڻ کان انڪار ڪيو.

جُون 16, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو