سيلاب متاثرين لاءِ بلاول ڀٽو زرداري جي طرفان گهرن جي تعمير تاريخي قدم آهي: سرسو چيف
سکر(رپورٽ ؛ امداد گل ڪلوڙ) سيلاب متاثرين لاءِ گهرن جي تعمير بلاول ڀٽو زرداري جي طرفان تاريخي تحفو آهي: سرسو چيفان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت طرفان سيلاب متاثرين لاءِ گهرن جي تعمير، بلاول ڀٽو زرداري جو بهترين تحفو آهي.
اهڙو اظهار سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشن (سرسو) جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر (سي اي او) محمد ڏتل ڪلهوڙو سرڪاري خابرو اداري ڳالهه ٻولهه دوران ڪيو.هن چيو ته سيلاب متاثرين لاءِ گهرن جي تعمير، سنڌ جي غريب ۽ مستحق خاندانن لاءِ بلاول ڀٽو زرداري جو تاريخي تحفو آهي. سنڌ جي پنجن ضلعن ۾ هينئر تائين هزارين گهر تعمير ٿي چڪا آهن ۽ اهو سلسلو اڃا جاري آهي.
هن ٻڌايو ته 2022ع ۾ برساتن ۽ سيلاب سخت تباهي آندي هئي، جنهن کان پوءِ پاڪ آرمي جي جوانن گهر گهر وڃي متاثر گهرن جو سروي ڪيو، جنهن کان پوءِ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري متاثرين لاءِ نوان گهر تعمير ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو.
سنڌ جي لڳ ڀڳ 24 ضلعن ۾ گهر متاثر ٿيا هئا، جن جي ٻيهر تعمير لاءِ سنڌ حڪومت پنج مختلف آرگنائيزيشنز کي آن بورڊ ورتو، جن مان هڪ سرسو (SRSO) پڻ آهي. اسان وٽ پنج ضلعا آهن، جن ۾ جيڪب آباد، شڪارپور،
لاڙڪاڻو، خيرپور ۽ قنبر شهدادڪوٽ شامل آهن. انهن پنجن ضلعن ۾ لڳ ڀڳ 7 لک کان وڌيڪ گهر متاثر ٿيا، جن مان 4 لک 82 هزار گهرن جي تعمير لاءِ پئسا اچي چڪا آهن ۽ انهن خاندانن کي تعمير لاءِ پهرين قسط ملي چڪي آهي.هن ٻڌايو ته گهرن جي تعمير لاءِ في متاثر خاندان کي ڪل 2 لک 70 هزار رپيا ٽي قسطن ۾ ڏنا پيا وڃن،
جن مان پهرين قسط 70 هزار رپيا آهي، جڏهن ته باقي 2 لک ٻه قسطن ۾ ڏنا ويندا.سرسو جي سي اي او محمد ڊتل ڪلهوڙو چيو ته جيڪي ماڻهو پئسا وٺي گهر نٿا ٺاهين، انهن کان حڪومت سختي سان رقم واپس وٺندي.
هڪ سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته ڪرپشن جون شڪايتون به ملن پيون، پر سخت چيڪ اينڊ بيلنس جي پاليسي سبب شڪايتن جي شرح تمام گهٽ آهي. جيڪڏهن ڪنهن ملازم خلاف ثبوت مليا ته فوري ڪارروائي ڪئي وڃي ٿي.هن ٻڌايو ته ضلعو جيڪب آباد ۾ 93 سيڪڙو ماڻهن گهر ٺاهڻ لاءِ پئسا وٺي چڪا آهن،
جڏهن ته لڳ ڀڳ 40 هزار ماڻهو اڃا باقي آهن.سي اي او سرسو محمد ڏتل ڪلهوڙو چيو ته سرسو، سنڌ جي ڳوٺاڻن علائقن ۾ غربت جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي.
جُون 16, 2025