ڀارتي اداڪارا ثناءَ مقبول جگر جي بيماريءَ ۾ مبتلا

Spread the love

ممبئي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا ۽ بِگ باس او ٽي ٽي ٿري جي فاتح ثناءَ مقول جگر جي بيماري ۾ وڪوڙجي ويئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽ موجب، اداڪارا جگر سروسز ۾ مبتلا ٿي وئي آهي جنهن ۾ جگر داغدار ۽ مستقل طور خراب ٿي ويندو آهي.
هڪ انٽرويوءَ ۾ اداڪارا ٻڌايو ته هوءَ عرصي کان ” آٽو اميون هيپاٽائٽس“ سان جهيڙي رهي آهي پر ويجهڙائي ۾ سندس حالت وڌيڪ خراب ٿي وئي آهي.
اداڪارا موجب، مدافعتي نظام سندس جگر تي حملو ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڊاڪٽرن مون ۾ جگر جي سروسس جي نشاندهي ڪئي آهي.
هن چيو ته ” مان مضبوط رهڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهيان، اميونو ٿراپي شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ صحت تي ڌيان ڏيئي رهي آهيان.“
ثناءَ مقبول وڌيڪ چيو کيس اِها بيماري اوچتو ناهي ٿي پر ويجهڙائي ۾ صورتحال خراب ٿي وئي جنهن سبب هن پنهنجا سمورا پروجيڪٽ ملتوي ڪري ڇڏيا آهن.

جُون 15, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو