ٺٽو: ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف عوامي تحريڪ جي جاڳرتا ريلي، 21 جون تي وڏو عوامي جلسو ڪوٺائڻ جو اعلان

Spread the love

ٺٽو (نظير احمد قريشي)ٺٺي ۾ عوامي تحريڪ پاران ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبا ۽ سنڌ جي معدني وسيلن جي لٽ مار خلاف جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي، جيڪا مڪلي مان شروع ٿي رسول بخش پليجو جي آخري آرامگاهه جنگشاھي تائين وئي.

جاڳرتا ريلي ۾ وڏي انگ ۾ مردن سان گڏ عورتن ۽ ٻارن به ڀرپور شرڪت ڪئي. ريلي جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، سنڌياني تحريڪ جي صدر عمره سمون ۽ نور احمد ڪاتيار ڪئي.رهنمائن خطاب ڪندي چيو ته، “سنڌ جي زمينن کي وڪڻڻ جي اجازت نه ڏني ويندي،

 ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي مقامي ماڻهن کي بي دخل ڪرڻ جي رٿا خلاف جدوجهد جاري رهندي.” انهن چيو ته 21 جون تي منگر خان پليجو ڳوٺ ۾ ملڪ گير جلسو عام منعقد ڪيو ويندو، جنهن ۾ سنڌ جي مستقبل بابت اهم اعلان ڪيا ويندا.

جُون 15, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو