نوابشاهه: والد پاران نافرمان پٽ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج، تحفظ جي گهر
نوابشاه( عبدالفتاح رند)ڳوٺ فقير خير محمد کوسو جي رھواسي غلام محمد کوسو پنهنجي پٽ علي حسن کوسو جي زيادتين خلاف نوابشاھ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو جتي ھن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته منھنجو پٽ علي حسن جيڪو خراب ماڻهن جي صحبت ۾ اچي ويو آهي بلاجواز مون سميت گهر ڀاتين کي ڌمڪيون ڏئي اسان جو سڪون ڦٽائي ڇڏيو آهي اسان کي هن مان خطرو آهي هن وسوارن کان مطالبو ڪيو ته اسان کي تحفظ فراهم ڪري منهنجي نافرمان پٽ خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي
جُون 15, 2025