سکر: پاڪستان ورڪرز فيڊريشن جي چونڊن ۾ نوان عهديدار چونڊجي ويا، بجيٽ رد، سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 50٪ واڌ جو مطالبو

Spread the love

سکر(رپورٽ۔امداد گل ڪلوڙ) پاڪستان ورڪرز فيڊريشن جو انتخابي اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو جنهن ۾  پوري پاڪستان جي ورڪرن شرڪت ڪئي  اجلاس ۾ چوڌري محمد ياسين سرپرست اعلي ۔ چيئرمين لاءِ چوڌري عبدالرحمان عاصي ۔جنرل سيڪريٽري لاءِ اسد محمود ۔

صدر شوڪت علي انجم بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا چونڊون NIRC ڪورٽ جي رجسٽرار جي موجودگي ۾ ٿيون جڏهن ته سنڌ ريجن لاءِ خادم حسين کوسو جنرل سيڪريٽري محمد ملوڪ اڄڻ صدر محمد اعظم مڱڻيجو چئيرمين چونڊجي ويا سکر مان سنڌ رجن جي جنرل سيڪريٽري خادم حسين کوسو پاران جاري ڪيل بيان موجب پاڪستان ورڪرز فيڊريشن ھميشه مزدورن جي حقن لاءِ ڪوششون ڪيون آهن ۽ ھميشه ڪندي رھندي اسان گورنمينٽ جي بجيٽ کي رد ڪريون ٿا ملازمن جون مھانگائي جي حساب سان پگھارون وڌايون وڃن اسمبلي  ميمبرن جي پگھار 180 سيڪڙو ۽ ملازمن جي پگهار رُڳو ڏھ سيڪڙو ڪٿان جو انصاف آهي خادم حسين کوسو جو چوڻ ھو ته سمورن سرڪاري ملازمن اهي وفاق جا هجن يا صوبن جا سبني جي پگهار 40 کان .50 سيڪڙو وڌائي وئي۔

جُون 15, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو