سکر: ايپڪا پاران بجيٽ رد، 19 جون تي ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاج جو اعلان، پگهارن ۽ پينشن ۾ واڌ جو مطالبو

Spread the love

سکر(رپورٽ:  امداد گل ڪلوڙ) آل پاڪستان ڪلرڪ ايسوسي ايشن (ايپڪا)سنڌ جي صدر مقبول حسين مهر۔سينيئر نائب صدر اول عبدالوهاب ڪاغذي۔صوبائي پريس سيڪرٽري محمد بخش ڪنڀر ۔آغا  شعيب خان پٺاڻ۔مجاهد حسين لانگاھ محمد پناه مهر۔محبوب علي کوکر۔شھزادو عباسي ۽ ٻين سان گڏ۔سکرپريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ حڪومت جي 13 جون تي پيش ڪيل بجيٽ 2025.26 کي رد ڪندي 19 جون تي ڪراچي پريس ڪلب تي احتجاج ۽ سنڌ اسيمبلي ٻاهران ڌرڻي جو اعلان ڪيو ۔

ايپڪا صوبائي صدر مقبول حسين مهر جوچوڻ هو ته بجيٽ کان اڳ اسان سان ڪيل واعدن مطابق پگهارن ۽ پينشن ۾ اضافو نه ڪري منافقت ڪئي آھي هن چيو بجيٽ پيش ڪرڻ کان اڳ سيڪريٽري فنانس سميت ٻين سيڪٽرين سان ملاقات ٿي هئي اسان کي خاطري ڪرائي ته احتجاج نه ڪيو توهان جي پگهارن ۾ وفاق کان 10 سيڪڙو اضافو ڪيو ويندو پر 13 جون تي سنڌ حڪومت  مزدور۔عوام ۽ ملازم دشمن بجيٽ پيش ڪئي ۽  سنڌ حڪومت 12 سيڪڙو پگهارن ۽ 8 سيڪڙو پينشن وڌائي جيڪا موجوده مهانگائي جي تناسب سان تمام گهٽ آھي جنهن سان ملازمن ۾ ڳڻتي ۽ ڪاوڙ پکڙيل آھي۔

ايپڪا اڳواڻن جو وڌيڪ چوڻ هو ته گروپ انشورنس جيڪي اسان جي پگهارن مان ڪٽي وڃي ٿي اها رقم حياتي ۾ ئي ڏيڻ گھرجي۔اڳواڻن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته سرڪاري ملازمن جي پگهار 50 سيڪڙو پينشن 30 سيڪڙو وڌائڻ سميت سنڌ جي ملازمن کي ڊسپئرٽي الائونس ميونسپل ملازمن جون پگهارون آنلائن سسٽم سان منسلڪ ڪيون وڃن جڏهن ته ميڊيڪل الائونس۔هائوس رينٽ ۾ پڻ 100 سيڪڙاضافو ڪيو وڃي   جڏهن ته فوتي ڪوٽا بحال ڪيو وڃي ۽ سالن کان ڪم ڪندڙ پاپوليشن جي ڊيليويجز ملازمن کي پگهارون ادا ڪرڻ سان گڏ کين مستقل ڪيو وڃي

 جيڪڏهن اسان جي مطالبن تي عمل نه ڪيو ويو ته 19جون تي سنڌ جي سمورن سرڪاري کاتن جا لکين ملازم ٻارن سميت سراپا احتجاج هوندا ۽ آفيسن جي تالا بندي ڪري ڪم ڇڏ هڙتال ڪرڻ تي مجبور ٿي وينداسين اڳواڻن اهو به مطالبو ڪيو ته سنڌ جي خالي پيل زمينن تي هائوسنگ اسڪيم تحت پلاٽ ڏنا وڃن ته جيئن پنهنجا گهر اڏي سگهون۔

جُون 15, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو