نوابشاهه ۾ ٽي مهينا بعد ساگر ملاح جي گرفتاري ظاهر، جيئي سنڌ محاذ پاران جبري گمشدگين خلاف سخت احتجاج
سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪماراوڏ) سڪرنڊ مان ٽي مهينا اڳ کنڀي گم ڪيل جيئي سنڌ محاذ جي ضلعي اڳواڻ ساگر ملاح جي نوابشاهه اي سيڪشن ٿاڻي تي گرفتار ظاهر ڪئي وئي آهي. ساگر ملاح کي ٽي مهينا اڳ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ پوليس پاران کنڀي گم ڪيو ويو هو
جنهن بعد پوري سنڌ اندر احتجاج ڪيا ويا. ساگر ملاح جي ڀيڻ صوفيه بيگم ملاح حيدرآباد هائي ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي ته منهنجي ڀاءَ کي نوابشاهه پوليس کنڀي گم ڪيو آهي. ڪيس هلڻ دوران ايس ايڇ او سڪرنڊ اصغر هاليپوٽو ايس ايس پي پاران ڪورٽ ۾ جواب داخل ڪرائيندي ڄاڻايو ته اسان جاچ ڪيون ٿا
جنهن ۾ ڪورٽ پاران حڪم ڪيو ويو ته 19 جون تي ڪنهن به صورت ۾ ساگر ملاح کي پيش ڪيو وڃي. جنهن بعد اڄ سندس جي نوابشاهه اي سيڪشن ٿاڻي تي گرفتاري ظاهر ڪئي وئي آهي. اهڙي تصديق تعلقي سڪرنڊ جي جيئي محاذ جي اڳواڻن پاران ڪئي وئي.
ان موقعي تي سڪرنڊ ميڊيا سان ڳالهائيندي جسم چيئرمين رياض چانڊيو چيو ته سنڌ ۾ سنڌو درياءَ تي ٺهندڙ ڪئنالن خلاف شهيد بينظيرآباد ڊويزن اندر پرامن هڙتال ڪرائي وئي هئي. هي پاڻي جا اسير آهن ساگر ملاح ۽ امتياز ڀٽي کي بلاجواز کنڀي گم ڪيو ويو.
سنڌ جي حڪمرانن هميشه سنڌ جي اندر انساني حقن جي پائمالي ڪئي آهي. امتياز ڀٽي جي به ٽن مهينن کان پوءِ گرفتاري ظاهر ڪري ٽي ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. سنڌ جا ماڻهو پنهنجي درياءِ ۽ وسيلن جي مالڪي لاءِ جدوجهد جاري رکندا. اسان ان سڄي عمل جي مذمت ڪيون ٿا. پيپلز پارٽي هميشه سنڌ جي ماڻهن تي ظلم ۽ بربريت ڪئي آهي.
جُون 14, 2025