نوابشاهه ۾ رت جي عطئي جي عالمي ڏينهن تي تقريب، ڪمشنر نديم احمد ابڙو پاران عطيو ڏيندڙن کي سرٽيفڪيٽ ۽ شعور اجاگر ڪرڻ تي زور

Spread the love

نواب شاهه (رپورٽ: عبدالفتاح رند) ريجنل بلڊ سينٽر شهيد بينظير آباد پاران رت جي عطيو جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ریجنل بلڊ سينٽر نواب شاهه۾ هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ ڪمشنر شهيد بينظير آباد ڊويزن نديم احمد ابڙو خاص مهمان طور شرڪت ڪئي.

تقريب جو مقصد رت جي عطيي جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ ۽ عوام ۾ ان بابت شعور پيدا ڪرڻ هو. ان موقعي تي منعقد ڪيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪمشنر نديم احمد ابڙو، سينٽر جي انچارج ڊاڪٽر خادم حسين ميمڻ، ضلعي صحت آفيسر ڊاڪٽر اسد الله ڏاهري، پيرا ميڊيڪل انسٽيٽيوٽ جي انچارج ڊاڪٽر عبدالرزاق راجپر ۽ ٻين مقررين چيو ته رت جو عطيو هڪ انساني فرض آهي جيڪو نه رڳو مريضن جي جان بچائيندو آهي پر سماج ۾ رحم ۽ انسانيت جي جذبي کي به فروغ ڏيندو آهي.

هنن وڌيڪ چيو ته رت جو عطيو هڪ تمام محفوظ عمل آهي ۽ هڪ صحتمند ماڻهو سال ۾ ڪيترائي ڀيرا رت جو عطيو ڏئي سگهي ٿو. مقررين وڌيڪ چيو ته رت جو عطيو ڏيڻ هڪ صدقہ جاريہ پڻ آهي، ۽ هر شخص کي هن نيڪ ڪم ۾ سرگرم حصو وٺڻ گهرجي. اسپتال ۾ روزانو رت جي ضرورت هوندي آهي ۽ اهڙين مهمن ذريعي ڪيتريون ئي قيمتي جانيون بچائي سگهجن ٿيون. تقريب جي آخر ۾ ڪمشنر رت جو عطيو ڏيندڙن ۾ اعزازي سرٽيفڪيٽ ورهايا،

جڏهن ته ريجنل بلڊ سينٽر جي انچارج ڊاڪٽر خادم حسين ميمڻ، خاص مهمان ڪمشنر شهيد بينظير آباد نديم احمد ابڙو ۽ ٻين شرڪت ڪندڙن ۾ اعزازي شيلڊون ورهايون. بعد ۾ ڪمشنر نديم احمد ابڙو ۽ ٻين بلڊ سينٽر جي مختلف حصن جو دورو ڪيو. ان موقعي تي سينٽر جي انچارج ڪمشنر کي ريجنل بلڊ سينٽر بابت تفصيلي ڄاڻ ڏني.

جُون 14, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو