مسلم دنيا اڄ به متحد نه ٿي ته سڀني جو وارو ايندو: خواجا آصف

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءُ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته اسرائيل فلسطين جي تباهيءَ ۾ سڌيءَ ريت ملوث آهي ۽ ان هٿ فلسطيني عوام جي رت ۾ رڱيل آهن.
قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي خواجا آصف چيو ته ايران اسان جو پاڙيسري ملڪ جنهن سان پاڪستان جا ڀائراڻا لاڳاپا آهن،
هن چيو ته اڄ ايران، فلسطين ۽ يمن اسرائيل جي نشاني تي آهن، جيڪڏهن مسلم دنيا اڄ به هَڪُ نه ٿي ۽ رڳو پنهنجي ايجنڊائن تحت پنهنجي مفادن جو تحفظ ڪندي رهي ته سڀني جو وارو ايندو.
هن خبردار ڪندي چيو اڪثر اسلامي ملڪ ملٽري حوالي نهايت ڪمزور آهن، تنهنڪري او آءِ سي جو اجلاس سڏايو وڃي، مسلمان ملڪ گڏجي اهڙي حڪمتِ عملي جوڙن جنهن سان اسرائيل جي جارحيت جو مقابلو ڪري سگهجي.

جُون 14, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو