قادرپور ۾ سردار رفيق احمد ڪلوڙ جي اعزاز ۾ شاندار دعوت، عوامي خدمتن تي ڀيٽا ۽ ڀائيچاري جي عزم جو اظهار
سکر(رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ )قادرپور گھوٹکی ۾ ڪلوڙ برادري جي نوجوان سردار رفيق احمد خان ڪلوڙ جي اعزاز ۾ شاندار دعوت خبر موجب گھوٹڪي ضلعي جي ڳوٺ قادرپور ۾ ڪلوڙ برادري جي نوجوان اڳواڻ، پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ، تعلقه پنو عاقل عشره و زڪوات ڪميٽي جي چيئرمين سردار رفيق احمد خان ڪلوڙ جي اعزاز ۾ شاندار دعوت جو اهتمام ڪيو ويو.
اها دعوت رئيس بخشڻ خان واسو پاران ڏني وئي، جنهن ۾ علائقي جي معززن، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن سميت پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. مهمانن ۾ نور محمد مهنت، الاهي بخش مهر، رئيس بخشڻ خان واسو ۽ ٻين اهم شخصيتن جي شرڪت اهم رهي.
ان موقعي تي ڀائيچاري، ترقياتي منصوبن ۽ عوامي مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. شرڪت ڪندڙن سردار رفيق احمد ڪلوڙ جي عوامي خدمتن کي ساراهيندي کين ڀيٽا پيش ڪئي.
جڏهن سردار رفيق احمد خان ڪلوڙ، بزرگ اڳواڻ امان الله خان واسو جي خاص دعوت تي قادرپور پهتا، ته انهن جي آجيان لاءِ شاندار طعام جو بندوبست ڪيو ويو هو. سندن استقبال سنڌي روايتن موجب *اجرڪ* ۽ *پڳ* پهرائي ڪئي وئي، جيڪا سنڌي ثقافت جو سهڻو اظهار هو.
هي تقريب مقامي يڪجهتي، ترقي، ۽ عوامي بهتري لاءِ گڏيل عزم سان پُر امن ماحول ۾ اختتام پذير ٿي. شرڪت ڪندڙن اهو پڻ چيو ته هو سردار رفيق جي اڳواڻي ۾ علائقي جي ڀلائي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا.
جُون 14, 2025