سالياني بجيٽ: پگھاردار طبقي کي ڪجهه نه مليو

Spread the love

گل سيوھاڻي

اڄ کان 70 سال اڳ اسان جي رياست جي ڪل آبادي 10 ڪروڙ کان 12 ڪروڙ مس ھوندي ھئي تنھن ھوندي به جيڪي وسيلا ھوندا ھيا انھن وسيلن کي ڪتب آڻي جھمور جي لاءِ سالياني بجيٽ پيش ڪري ان ۾ جھمور جي بنيادي شين کي سستو ڪرڻ ۽ پگهاردار طبقي جي پگھارن ۾ خاطر خوان اضافو ڪيو ويندو ھيو ته جئين پورھيت ۽ پگهاردار طبقو پنھنجي زندگيءَ جو گاڏو بھتر نموني سان ھلائي سگھي، پر ان وقت به سرڪاري ملازمن، پينشرن ۽ ڏيھاڙيدار مزدورن لاءِ بجيٽ ۾ ڪاريءَ وارا ڪک ھوندا ھيا ۽ اھي ئي ساڳيا ڪاٺ ھوندا ھيا جيڪي ھو ڪٽي پنھنجي ٻچڙن جي روزي روٽي حاصل ڪندا ھيا پر جيڪا ان وقت سستائي ھوندي ان حساب سان اھيو سرڪاري ملازم، پينشنر ۽ ڏيھاڙيدار پورھيت جيڪا خوشحال زندگي بسر ڪندو ھيو اھا ھن وقت بسر نٿو ڪري سگھي، ڇو ته ان وقت ايمان جي پختگي، محنت مزدوريءَ ۾ سچائي ۽ سرڪاري کاتن ۾ رشوت خوريءَ جو جيڪو تناسب ھيو اھو اٽي ۾ لوڻ برابر ھيو، ان وقت جا جيڪي سياستدان ھيا اھي ٿورو گھڻو عوام سان ڪيل واعدا وفا ڪري انھن جي بنيادي حقن جو خيال رکندا ھيا پر اڄ ان خانداني سياستدانن جو موروثي اولاد جيڪو سياست کي ڪاروبار سمجھي ميدان ۾ لٿو آھي اھو ملڪ و قوم جي ترقيءَ ۽ خوشحالي کان اڳ پنھنجي پنھنجي ذات جي ترقيءَ کي وڌيڪ اھميت ڏيندو آھي، ھو اول ته سياست ڪرڻ ۾ جيڪي ڪروڙين روپيا خرچ ڪندو آھي اھي ڪروڙين روپيا ٻيڻ ٽيڻ واري شڪل ۾ واپس ڪڍڻ چاھيندو آھي.

اڄ کان 70 سال اول جيڪي سياستدان ھوندا ھيا انھن ۾ سواءِ چند سياستدانن جي باقي اڪثر آڱوٺي ڇاپ ھوندا ھيا جن کي ڪرپشن ڪرڻ جو ڏانءُ ڪونه ھوندو ھيو يا ھو آئين و قانون کان واقف نه ھوندي ڪرپشن ۾ ڦاسڻ کان پوءِ ان جي سزا ۽ جزا کان ڊڄندا ھيا پر سندن موروثي اولاد سياستدان جيڪو پنھنجي اعلي تعليم ۽ اعلي اسٽيٽس ۽ ترقيءَ جي ڪري نه ڊڄي جيڪا رڪارڊ ڪرپشن ڪري پيو اھو ڪرپشن ٽوڙ کاتن جي ڪرپٽ ڪامورن سان ڪرپشن ۾ برابر جو شريڪ ٿي اھيا رڪارڊ ڪرپشن ڪري ٿو، ڪالھه جا اڻ پڙھيل وڏيرا شاھ پير مير صنعتڪار ۽ سرمائيدار تعليم نه ھجڻ ڪري ايتري ڪرپشن ڪونه ڪندا ھيا پر پنھنجي پنھنجي ڪرت ۾ ھو وڏا شاتر ھوندا ھئا مسئلن ڪو جاگيردار ھوندو ھيو ته ھو زراعت تي وڌيڪ ڌيان ڏئي ترقي ڪندو ھيو ڪو صنعتڪار ھوندو ھيو ته ھو پنھنجي صنعت کي ترقي وٺرائڻ لاءِ نت نوان جڳاڙ ڪري ترقي ڪندو ھيو اھڙي طرح ڪجهھ وري سرمائيدار ھوندا ھيا ته اھي پنھنجو سرمايو ٺيڪن جي شڪل ۾ لڳائي اتان ٻيڻ ٽيڻ تي سرمايو يعني فائدو حاصل ڪندا ھيا اڄ جو زياده تر سياستدان اعلي تعليم ۽ دماغ جي جنگ وڙھندي نت نوان ڪرپشن جا گر سکي عملدارن سان برابر جو شريڪ ٿي رڪارڊ ڪرپشن ڪري ٿو،جنھن جي ڪري نه ملڪ ترقي پيو ڪري نه قوم خوشحال پئي ٿئي،اھڙن ڪرپٽ سياستدانن کي جن طاقتور ھٿن جو آشيرواد آھي اھي طاقتور ھٿ ڪالھه اڄ ۽ سڀاڻي مان آزاد ڪرائي سگھجن ته ھوند ملڪ و قوم ترقيءَ جي راھ تي فلفور گامزن ٿي ويندو. جيڪڏھن جھمور جي آواز انھن سگھارن ھٿن مان ملڪ و قوم کي نجات نه ڏياري ته پوءِ سڀاڻي به اھي طاقتور ھٿ ملڪ و قوم دشمن بڻجي نه ملڪ کي ترقي طرف وٺي ھلندا نه ئي عوام کي خوشحال ڏسڻ پسند ڪندا انھن طاقتور ھٿن جي ڪري ھن رياست اندر جيڪي به فيصلا ٿين ٿا اھي فيصلا به اھي مضبوط ۽ طاقتور ھٿن جي وسيلي ٿين ٿا جنھن ۾ سالياني بجيٽ جي ترتيب ڏيئڻ به شامل آھي. اوھان ڏٺو ھوندو ته جيڪي اسان ۽ اوھان جي ووٽن تي چونڊجي ايوانن ۾ پھچن ٿا اھي ڪھڙي ڪوڏر ھڻن ٿا ڪھڙو پگھر جو پورھيو ڪن ٿا جو ھنن جي پگھارن ۾ ٽي سئو کان 600 سئو سيڪڙو واڌ ڪئي ٿي وڃي صرف پگھار ۾ ايتري واڌ ڪافي ناھي گڏ گڏ انھن کي جھاز جون ٽڪيٽون فري ۾ ملن ٿيون انھن کي سرڪاري گاڏيون ان گاڏين جا ڊرائيور ۽ تيل به مفت ۾ ملي ٿو ان کان علاوه گيس بجلي ٽيليفون جو خرچ الڳ حاصل ڪن ٿا انکان علاوه انھن جي رھائش فري ۽ انھن جي نوڪرن چاڪر  جو جيڪو خرچ آھي اھو به سرڪاري خزانو برداشت ڪري ٿو پر جيڪو پگھر جو پورھيو ڪندڙ مزدور طبقو آھي ان جي روزاني اجرت ۾ اٽي ۾ لوڻ برابر اضافو ڪيو وڃي ٿو،جنھن مان ھو ٻه ويلا پيٽ ڀري ماني به ڪون ٿو کائي سگھي،اھڙي طرح جيڪو سرڪاري نيم سرڪاري ملازم ھجي ٿو ان سان به اھيو ساڳيو سلوڪ ڪيو وڃي ٿو مھانگائيءَ جي شرع ۾ سئو سيڪڙو واڌ ڪري پگھارون صرف 10 سيڪڙو وڌايون وينديون آھن جنھن مان اھو سرڪاري نجي ملازم گھر جو راشن خريد ڪري يا يوٽيلٽي بلن جي ادائيگي ڪري جنھن ۾ بجلي گئس شامل ھجي ٿو اھو ننڍڙو ملازم پنھنجي پگھار مان عيد جا ڪپڙا خريد ڪري يان شادي غمي ۾ شرڪت ڪري گھر جي ڀاتين جو اعلان معالج ڪرائي يا راشن خريد ڪري مون ته اھڙا به مسڪين مزدور سرڪاري نيم سرڪاري ملازم ڏٺا آھن جن وٽ گھر جي ڀاتين جي فوت ٿيئڻ وقت ڪفن جا به ڏوڪڙ ڪون ھوندا آھن نه وري انھن کي ڪو سرنديءَ وارو ڪفن دفن جو خرچ به اوڌار تي ڏيئڻ لاءِ تيار ھوندو آھي.

ھن وقت سال 2025 ۽ سال 2026 لاءِ جيڪا بجيٽ پيش ڪئي وئي آھي ان کي ٻڌي پڙھي پگھاردار ۽ پينشنر ڏيھاڙيدار طبقو رت جا ڳوڙها پيو روئي ھو چوي ٿو ته جن سفيد پوش پيرن ميرن شاھن سردارن وڏيرن ڀوتارن صنعتڪارن ۽ سرمائيدارن کي ھو ھر دفعي ڪوڙن ڏٽن دلاسن تي ووٽ ڪري ٿو ان طبقي سندس لاءِ سواءِ بک بيروزگاريءَ ۽ خودڪشين ڪرڻ کان علاوه ٻيو ڇا ڇڏيو آھي ھن وقت جيڪو مرڻ لاءِ زهر درڪار آھي ان زھر جي خريد ڪرڻ جي سگهھ به ھن ڏيھاڙيدار پورھيت سرڪاري ۽ نيم سرڪاري ننڍي ملازم وٽ به ڪونھي جو ذھر خريد ڪري ابدي ننڊ سمھي سگھي. ھاڻي ٻڌايو ته اھيو جيڪو لوئر ڪلاس طبقو آھي اھو وڃي ته ڪيڏانھن وڃي دانھين ته ڪنھن وٽ دانھين،منھنجو مشاھدو آھي ته سال 1999 کان پوءِ رياست اندر جيڪي لوئر،مڊل ۽ سپر ڪلاس طبقن ۾ ترقي ٿي آھي اھا ڪنھن به شئي ۾ ناھي ٿي، جيڪي ٽي طبقا ھيا اھي وڌي 6 طبقا بڻجي ويا يعني لوئر ڪلاس ھڪ لوئر ڪلاس ٻه، مڊل ڪلاس ھڪ مڊل ڪلاس ٻه اپر ڪلاس ھڪ ۽ اپر ڪلاس ٻه بڻجي ويو، چوڻ جو مطلب جيڪو غريب ھيو اھو غريب ترين ٿي ويو جيڪو شاھوڪار ھيو اھو شاھوڪار ترين ٿي ويو باقي جيڪو وچولو طبقو ھيو اھو اتي جو اتي ئي رھيو مگر آھي اھو به ھن وقت سورن ۾ جنھن ۾ سرڪاري نيم سرڪاري مسڪين ننڍڙو ملازم، ڏيھاڙي دار پورھيت، ڪمي ڪڙمي شامل ھجي ٿو.

موجوده مالي سال 2025 ۽ سال 2026 جي بجيٽ جا جيڪي انگ اکر پڙھيا ۽ ٻڌا آھن، ان کي ھن ملڪ جو عوام پاڻ سان وڏو  ظلم ٿو سمجھي جيڪو ظلم گذريل 77 سالن کان ٿيندو پيو اچي جنھن ۾ سگھارن ھٿن جو وڏو ڪمال آھي جن ورھاڱي کان ھيل تائين سياستدانن جي ڪن پٽيءَ تي بندوق رکي اڳتي وڌڻ جو چيو آھي ۽ پوئتي ھٽڻ جي صورت ۾ ابدي ننڊ يعني موت جي منھن ۾ وڃڻ جي ڌمڪي ڏيندو آيو آھي انھن ڳجھن ھٿن مان آخر ڪير جھمور جي جند آزاد ڪرائيندا جنھن ڏينھن به ان ڳجھن سگھارن ھٿن جي ملڪ و قوم جي ڳچيءَ مان ھٿ آذاد ٿيا قسم پيدا ڪرڻ واري جو ان ڏينھن کان ھيءَ رياست ۽ رياست ۾ رھڻ وارو ھڪ ھڪ ٻچو ترقيءَ جي راھ تي گامزن ٿيندو.

ھاڻي سوال اھيو پيدا ٿو ٿئي ته اھڙا حڪمران اچن ڪٿان جيڪي ھنن سگھارن ھٿن کي منھن ڏين، ورھاڱي کان ھيل تائين جن به عوامي ليڊرن ملڪ و قوم جي ترقي خوشحالي جو سوچيو به آھي اھي اول ته اقتدار کان الڳ ڪيا ويا آھن يا وري ان کي جيل ۾ واڙي ان کي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪيو ويو جيڪڏھن ڪنھن گوڏن کوڙڻ کان کتو جواب ڏنو آھي ته اھو ھميشه ھميشه لاءِ منظر تان غائب ڪيو ويو آھي يعني قتل ڪرايو ويو آھي ھاڻي ٻڌايو ان صورتحال ۾ جھمور جو آواز بلند ٿئي ته ڪئين ٿئي جنھن ڏينھن به اھيو جھمور جو آواز زمين کان آسمان تائين گونجندو ان ڏينھن ھن رياست جي ان ڳجھن ھٿن مان جند ڇٽندي جيڪي وقت جي ٽائوٽ ۽ بوٽ پاليشي حڪمرانن کان گن پوائنٽ ۽ ڏنڊي جي زور تي پنھنجي مفاد ۾ فيصلا ڪرائي ملڪ و قوم جي ٻيڙو ٻوڙين پيا جھڙي طرح سال 2025 ۽ سال 2026 واري سالياني بجيٽ ۾ ملڪ و قوم جي ستياناس ڪئي وئي آھي اچو ته ھڪ آواز بڻجي پنھنجي حقن جو تحفظ ڪريون ۽ پنھنجي مسيحي نما ليڊر جي سپورٽ ڪري ان کي اڳيان آڻيون باقي چور چوڪيدار رھندا نوڪر مالڪ تي حاڪميت ڪندا يا کير جي رکوالي ٻلي کي ڏيندا ته پوءِ ھن ملڪ ھن رياست ۾ ساڳيا لاٽون ساڳيا چگهه ھوندا، نه ملڪ ترقي ڪندو نه قوم خوشحال ٿيندي.

جُون 14, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو