دادو ۾ جھلو ٿاڻي جي حد ڳوٺ شيخ گلاب سونھري ۾ تڪراري زمين تي فائرنگ، ڪڻڪ جو فصل ۽ ديرا ساڙڻ جو الزام، متاثر ڌر جو احتجاج

Spread the love

دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) دادو ضلعي جي جھلو ٿاڻي جي حد ۾ ايندڙ ڳوٺ شيخ گلاب سونھري ۾ گذريل ٽن سالن کان زمين بابت هلندڙ تڪرار اڃا تائين ختم نه ٿي سگھيو،

جتي ٻنهي ڌرين ۾ وقت بوقت خوني جهيڙا به ٿيندا رهن ٿا. تازو ئي مخالف ڌر پاران مبينا طور هٿيارن جي زور تي فائرنگ ڪري ڪڻڪ جي تيار فصلن ۽ ديرن کي باھ ڏئي ڇڏڻ جو واقعو سامهون آيو آھي، جنهن سبب علائقي ۾ خوف ۽ حراس ڇانئجي ويو آھي متاثر ڌر سان تعلق رکندڙ شاھنواز چانڊيو، پنھل چانڊيو، عزيز الله چانڊيو ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي الزام لڳايو ته، اسان جي زرعي زمين جيڪا 120 جريب يعني لڳ ڀڳ 60 ايڪڙن تي مشتمل آهي، ان تي مخالف ڌر عظيم چانڊيو، ڪالو، ايوب، صيفل، بچل چانڊيو ۽ سندن ساٿين هٿيارن سان حملو ڪيو،

فائرنگ ڪئي ۽ ڪڻڪ جو تيار فصل ساڙي زمين تي زبردستي قبضو ڪري ڇڏيو هنن دانهيندي چيو ته، اسان جي ڌر جا نوجوان اڳ به قتل ٿي چڪا آهن، ان بابت ڪيس داخل ٿيل آهن، پر حد جي جھلو ٿاڻي جي پوليس اڃا تائين ڪنهن به جوابدار کي گرفتار نه ڪيو آهي.

اسان جي گهرن تي روزانو فائرنگ ڪئي ويندي آهي، پر پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي. متاثر ڌر پوليس تي سنگين الزام لڳائيندي چيو ته، نه ته پوليس اسان جي مدد ڪري رهي آهي ۽ نه ئي داخل ٿيل ڪيسن تي ڪا اڳڀرائي ٿي رهي آهي، جنهن سبب اسان کي ناانصافيءَ جو منهن ڏسڻو پيو آهي هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو آهي ته مخالف ڌر جي ماڻهن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي،

زرعي زمين تان قبضا ختم ڪرائي، ڪيسن ۾ انصاف فراهم ڪيو وڃي ۽ علائقي کي وڌيڪ خونريزي کان بچائڻ لاءِ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائي وڃي. علائقي واسين پڻ خدشو ظاهر ڪيو آهي ته جيڪڏهن صورتحال تي ضابطو نه آندو ويو ته ڪنهن به وقت وڏو جهيڙو ٿي سگھي ٿو، جنهن سان قیمتي جانين جو نقصان به ٿي سگھي ٿو. متاثر ڌر انصاف جي اميد ۾ اعليٰ اختيارين جي نظر ڪرم جا منتظر آهن.

جُون 14, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو