دادو: واپارين جو امن امان جي خراب صورتحال خلاف سخت احتجاج، ايس ايس پي کي هٽائڻ جو مطالبو
دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) آل پاڪستان انجمن تاجران ضلع دادو پاران ضلعي ۾ وڌندڙ ڏوهن، ڦرن ۽ ڌاڙن خلاف هڪ هنگامي اجلاس صدر سيٺ گل حسن پنھور جي صدارت هيٺ ٿي گذريو، اجلاس ۾ واپارين، سياسي، سماجي، ۽ مذهبي اڳواڻن سميت شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. جنھن ۾ آل پاڪستان انجمن تاجران برداري صدر گل حسن پنھور ،جنرل سيڪريٽري ،ممتاز علي چنا ،خزانچي عبدالڪريم کوکر، غلام نبي لغاري، عبدالروف مستوئي، اقبال قريشي، سيد حامد علي شاهه، احمد خان زنئور ۽ ٻيا موجود هئا، اجلاس دوران اڳواڻن ضلعي جي خراب ٿيندڙ امن امان واري صورتحال تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته دادو ضلعي ۾ ڦرون، ڌاڙا ۽ ڏوهه روز جو معمول بڻجي ويا آهن، جنهن سبب واپاري ۽ شهري پاڻ کي غير محفوظ سمجهي رهيا آهن.
اڳواڻن الزام هنيو ته ايس ايس پي دادو ڪرپٽ ۽ لاپرواه آفيسر آهي، جنهن پوليس اهلڪارن کان رشوت وٺي کين ويزا تي موڪلي ڇڏيو آهي، صدر سيٺ گل حسن پنھور ميڊيا سان ڳالهائيندي خبردار ڪيو ته جيڪڏهن اڱاري جي ڏينهن تائين ڦريل سامان ۽ موٽرسائيڪلون ريڪور نه ڪيون ويون ته ريلوي اسٽيشن روڊ تان احتجاجي ريلي دادو پريس ڪلب تائين ڪڍي ويندي جنهن بعد مظاهرو ايس ايس پي جي آفيس آڏو پهچي ڌرڻو هنيو ويندو، ۽ ضلعي جا سمورا چوراها بند ڪيا ويندا،
هنن وزير اعلي سنڌ، آرمي چيف ۽ چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪيو ته دادو جي ايس ايس پي کي فوري طور تي هٽائي، ضلعي ۾ امن امان بحال ڪيو وڃي ته جيئن واپاري ۽ شهري سڪون سان زندگي گذاري سگهن،
جُون 14, 2025