ايران تي اسرائيلي حملو پاڪستان لاءِ به خطري جي گھنٽي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسرائيل پاران ايران جي ايٽمي ٺڪاڻن تي حملا ۽ اهم سائنسدانن سميت انقلابي گارڊز جي سربراهن کي قتل ڪرڻ بعد خطي ۾ تڪرار خطرناڪ موڙ تي پهچي ويو آهي، جيڪو پاڪستان لاءِ به ڳڻتي جوڳي صورتحال بڻجي ويو آهي. اهو حملو ايران جي سرزمين تي عراق-ايران جنگ کان پوءِ سڀ کان وڏو حملو قرار ڏنو پيو وڃي، جنهن تي عالمي مارڪيٽن ۾ به اثر ٿيو آهي؛ تيل جي اگهن ۾ واڌ ۽ اسٽاڪ مارڪيٽن ۾ گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي آهي.
اسرائيل جا دوست به تنقيد ڪري رهيا آهن ٻئي پاسي اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو بيان ڏنو آهي ته “هي رڳو جنگ جي شروعات آهي”. عالمي ايٽمي اداري (IAEA) تصديق ڪئي آهي ته حملن جي باوجود ايران جي ايٽمي ٺڪاڻن مان في الحال ڪنهن به ريڊيئيشن خارج ٿيڻ جي نشاندهي ناهي ٿي.
ايران جو چوڻ آهي ته هو حملن جو جواب ڏيندو، پر جواب جي نوعيت اڃا واضح ناهي. تجزئي نگارن جو چوڻ آهي ته ايران تي حملو نه رڳو علائقائي پر عالمي امن لاءِ وڏو خطرو آهي. جيڪڏهن ايران نيوڪليئر طاقت بڻجڻ جي طرف وڌي ٿو ته خطي جون ٻيون رياستون به متاثر ٿينديون، خاص طور تي تيل جي واپار وارا رستا ۽ هوائي اچ وڃ وڌيڪ دٻاءَ هيٺ اچي سگهن ٿيون،
جيڪي اڳ ئي متاثر ٿي چڪيون آهن. پاڪستان جي قيادت هن وقت دبئي ۾ موجود آهي، جڏهن ته آرمي چيف آمريڪا جي دوري تي آهي. افغانستان، ڀارت ۽ هاڻي ايران جي ويجهو صورتحال وڌيڪ ڳنڀير ٿي وئي آهي،
جيڪا پاڪستان لاءِ سٺو سنوڻ ناهي. ذريعن مطابق، هي ويڙهه رڳو شروعات آهي، جيڪا ڪنهن به وقت وڏين علاقائي تبديلين جو سبب بڻجي سگهي ٿي. مبصرن جو چوڻ آهي ته اهڙي صورتحال مان فائدو وٺندي ڀارت به ڪا اڳرائي ڪري سگهي ٿو،
جيڪو خطي جي امن لاءِ وڌيڪ خطرو وڌائي سگهي ٿو. ٻئي پاسي غزا ۾ قتل عام کانپوءِ اسرائيل پاڻ کي اڪيلو سمجهي ٿو، آمريڪا، برطانيا ۽ يورپي ميڊيا ۾ ٻن مهينن ۾ وڏي تبديلي نظر اچي ٿي ۽ نيتن ياهو خالف آواز اڀري رهيا آهن.
جُون 14, 2025