پاڪستان پاران ايران تي اسرائيلي حملي جي سخت مذمت، گڏيل قومن کان جارحيت روڪڻ جو مطالبو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ايران تي اسرائيلي حملي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته اسرائيلي فوجي ڪارروائيون ايران جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي، گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي جي کليل ڀڃڪڙي آهن، جڏهن ته ايران کي گڏيل قومن جي چارٽر جي آرٽيڪل 51 تحت مڪمل دفاع جو حق حاصل آهي.
پرڏيهي آفيس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيل ڪارروايون علائقائي ۽ عالمي امن لاءِ سنگين خطرو آهن، عالمي برادري ۽ گڏيل قومن جو ادارو ترت اسرائيلي جارحيت روڪڻ لاءِ جوڳا قدم کڻي.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب، عالمي قانونن جي حفاظت ۽ حملي آور کي جوابده بڻائڻ جي ذميواري گڏيل قومن مٿان لاڳو ٿئي ٿي، پاڪستان ايراني عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو.