هڪ ئي اننگز ۾ 19 ڇڪا، ڪيوي بيٽر عظيم ڪرس گيل جو رڪارڊ چٽ ڪري ڇڏيو

Spread the love

سان فرانسسڪو (ويب ڊيس) نيوزيلينڊ جي جارح مزاج بيٽر فن ايلن ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ هڪ اننگز دوران سڀ کان وڌيڪ ڇڪا هڻي نئون عالمي رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو.
ايلن آمريڪا ۾ جاري ميجر ليگ ڪرڪيٽ( ايم ايل سي ) دوران سان فرانسسڪو يونيڪورن طرفان واشنگٽن فريڊم خلاف صرف 51 بالن تي 151 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، جنهن دوران هن 19 ڀيرا بال کي بائونڊري لائين پار پهچايو.
اهڙي طرح هن ويسٽ انڊيز جي اڳوڻي ڪپتان ۽ ليجنڊ ڪرِس گيل جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو، جنهن 2017ع ۾ 18 ڇڪا هڻي اهو رڪارڊ پنهنجي نالي ڪيو هو.
فن ايلن نه رڳو ڇڪن جو نئون عالمي رڪارڊ جوڙيو پر 49 بالن تي 150 رنسون ٺاهي ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ تيز ترين 150 رنسن جو رڪارڊ به قائم ڪيو.
ان کانسواءِ ڪيوي بيٽر 34 بالن تي سينچري مڪمل ڪري نيوزيلينڊ طرفان تيز ترين ٽي ٽوئنٽي سينچري اسڪور ڪندڙ رانديگر جو اعزاز پڻ ماڻي ورتو آهي.
ياد رهي ته ايم ايل سي جي ان ميچ ۾ سان فرانسسڪو يونيڪورن 5 وڪيٽن تي 269 رنسون ٺاهيون ۽ پوءِ واشنگٽن فريڊم کي 146 رنسن تي آئوٽ ڪري 123 رنسن سان شاندار فتح ماڻي، جڏهن ته پاڪستاني فاسٽ بالر حارث رئوف به يونيڪون جي نمائندگي ڪندي 3 وڪيٽون حاصل ڪيون.

جُون 13, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو