صوبي جي بهتري لاءِ جاري قدم تمام قابل تحسين آهن: مخدوم سعيد الزمان

Spread the love

ڄامشورو (رپورٽ: محمد وارث) ڄامشورو سابق ايم اين اي،  سروري تنظيم ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيد الزمان “عاطف” پنهنجي هڪ جاري ڪيل بيان ۾ سنڌ حڪومت جي ترقياتي منصوبن ۽ عوامي فلاحي ڪوششن کي ساراهيندي چيو آهي ته صوبي جي بهتري لاءِ جاري قدم تمام قابل تحسين آهن. مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“ چيو ته موجوده قيادت خاص طور تي وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه جي اڳواڻيءَ ۾ صحت، تعليم، انفراسٽرڪچر ۽ روزگار جي فراهمي جهڙن اهم شعبن ۾ نتيجا خيز ڪم ٿيو آهي. مخدوم سعيد الزمان ” عاطف“ جو چوڻ هو ته معاشي چئلينجن باوجود سنڌ حڪومت عوام دوست پاليسين تي عمل ڪري رهي آهي،

جنهن سان عام ماڻهو جي زندگيءَ ۾ مثبت تبديليون آيون آهن. اهڙين رٿائن سان عوام جو اعتماد وڌيو آهي ۽ سرڪاري ادارن جي ڪارڪردگيءَ ۾ بهتري آئي آهي.هن اميد ظاهر ڪئي ته نئين مالي سال لاءِ پيش ٿيندڙ بجيٽ به عوام جي اميدن جي ترجماني ڪندي، جيڪا خاص طور تي مهانگائي، بيروزگاري، صاف پاڻي جي فراهمي ۽ تعليم جي سڌاري تي ڌيان ڏيندي.سروري تنظيم جي مرڪزي چيئرمين وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت کي گهرجي ته هارين، ڪاروبارين ۽ نوجوانن لاءِ اهڙا منصوبا متعارف ڪرايا وڃن، جن ۾ نرم شرطن تي قرض، فني تربيت ۽ روزگار جا موقعا شامل هجن.

ان سان گڏ، عورتن جي مالي بااختياري لاءِ به خاص پاليسيون جوڙڻ گهرجن. مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“ چيو ته وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه ۽ سندس ڪابينا جو اهو عزم ته هر شهري تائين بنيادي سهولتون پهچن ۽ سماجي انصاف تي ٻڌل نظام لاڳو ٿئي، قابل واکاڻ آهي. اميد آهي ته ايندڙ بجيٽ به ان ئي عوام دوست ويزن جو تسلسل هوندي، جيڪا سنڌ جي مستقبل کي وڌيڪ روشن بڻائيندي.

جُون 13, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو