سڪرنڊ: بي زبان گڏھ کي ڪهاڙيون هڻي مارڻ وارا گرفتار، سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل ٿيڻ بعد ڪيس داخل

Spread the love

سڪرنڊ ( رپورٽ راج ڪماراوڏ ) سڪرنڊ لڳ ڳوٺ پنهل خان چانڊيو ۾ ٻه هفته اڳ بي زبان جانور گڏھ کي فصل ۾ چرڻ ۽ ڀيل ڪرڻ تان مقامي آبادگارن پاران گڏھ کي سڌيون ڪهاڙيون هڻي ماري ڇڏيو هو

 جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد ايس ايس پي شهيد بينظيرآباد شبير احمد سيٺار پاران نوٽيس  وٺي گڏھ کي ڪهاڙيون هڻندڙن مٿان ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو ويو آهي جن جي سڃاڻپ نصير احمد خاصخيلي ۽ نظير احمد خاصخيلي طور ڪئي وئي آهي گرفتار جوابدارن اهو پڻ اعتراف ڪيو آه

ي ته گڏھ کي مارڻ بعد کڏ کوٽي پوري ڇڏيو هو سندن اعترافي بيان بعد پي ڪي تاڻي تي مٿن قلم 201 / 429 پي پي سي تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي

جُون 13, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو