سکر چيمبر جو فنانس بل 2025 ۾ آفيسرن کي گرفتاري جا اختيار ڏيڻ خلاف احتجاج

Spread the love

سکر (رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) سکر چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي صدر محمد خالد ڪاڪزئي، ايف بي آر ڪميٽي جي ڪنوينر انجنيئر عبدالفتاح شيخ ۽ ٻين ميمبرن فنانس بل 26-2025 ۾ انلينڊ روينيو آفيسرن کي ڪمپنين جي ڊائريڪٽرن، چيف ايگزيڪيوٽو آفيسرن، چيف فنانشل آفيسرن ۽ ٻين اعليٰ عهديدارن کي گرفتار ڪرڻ جا غير معمولي ۽ غير منصفاڻا اختيار ڏيڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته اهي اختيار نه رڳو آئيني ۽ قانوني اصولن جي واضح خلاف ورزي آهن پر اهي ڪاروباري طبقي کي هراسان ڪرڻ، رشوت وٺڻ، بليڪ ميلنگ ۽ طاقت جي ناجائز استعمال جو رستو کولين ٿا. اهو قدم ملڪ ۾ ڪاروباري ماحول کي متاثر ڪندو ،

 سيڙپڪاري کي گهٽائيندو ۽ ڪاروباري طبقي ۾ خوف ۽ عدم تحفظ جو ماحول پيدا ڪندو. سکر چيمبر مطالبو ڪيو آهي ته حڪومت فوري طور تي غير آئيني ۽ غير منصفاڻي شق کي واپس وٺي ۽ هڪ متوازن ۽ منصفاڻي ٽيڪس نظام کي فروغ ڏئي ڪاروباري برادري جي خدشن کي ختم ڪندي ڪنهن به ٽيڪس سڌارن ۾ ڪاروباري طبقي جو اعتماد بحال ڪرڻ ۽ انهن جي مشاورت کي يقيني بڻائڻ ضروري هوندو آهي ته جيئن پائيدار ترقي ۽ اعتماد تي ٻڌل ٽيڪس نظام قائم ڪري سگهجي. تنهن ڪري فيڊريشن آف پاڪستان چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري سڀني علائقائي چيمبرز ، بزنس الائنسز ، واپارين جي تنظيمن ۽ ٻين لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز سان فنانس بل تي نظرثاني لاءِ باقاعده مشاورت ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ ملڪ گير شٽ ڊائون هڙتال ڪئي ويندي.

جُون 13, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو