سکر: ايران تي اسرائيلي جارحيت خلاف مجلس وحدت المسلمين جو احتجاجي مظاهرو
سکر (رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ)مجلس وحدت المسلمين پاڪستان ضلعي سکر ۽ وحدت يوتھ سکر ڊويزن پاران ايران تي اسرائيلي جارحيت خلاف پرزور احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. هي مظاهرو جامعہ حيدري مسجد، پراڻو سکر کان جيل چوڪ تائين نڪتو، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ غيور مؤمنن شرڪت ڪئي.
احتجاج اڄ نمازِ جمعه کان پوءِ ٿيو، جنهن دوران اسرائيلي جارحيت جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي.
ضلعي صدر مجلس وحدت المسلمين، محسن سجاد اتراء ايڊووڪيٽ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته “ايران جو دفاع دراصل سڄي امت مسلمه جو دفاع آهي، ۽ هن نازڪ گهڙيءَ ۾ امت مسلمه کي ايران سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيهڻ گهرجي.”
هن وڌيڪ چيو ته صهيوني جارحيت خلاف امت کي گڏ ٿي، هڪ آواز ۽ هڪ دل سان ميدان ۾ لهڻ جي ضرورت آهي.
مظاهري دوران شرڪت ڪندڙن هٿن ۾ فلسطين ۽ ايران جي حمايت ۾ ۽ اسرائيل خلاف نعرا لکيل پلي ڪارڊز ۽ بينرز کنيا هئا. مظاهرو پرامن نموني سان ختم ٿيو.
جُون 13, 2025